196

ٿاڻو بولاخان ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ويل نوجوان واٽر سپلاءِ جي ٽانڪي اندر ٻڏي فوت

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ٿاڻوبولاخان شھر جي واٽرسپلاءِ ٽئنڪ مان پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب ڳوٺ اميد علي پالاري جو نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 35 ورهين جي رزاق لاسي پالاري طور ٿي آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٿاڻوبولاخان پوليس ۽ شھرين لاش کي پاڻيءَ جي هود مان ڪڍي تعلقي اسپتال ٿاڻوبولاخان پهچايو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ضروري ڪارروايون پوريون ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان رزاق پالاري  صبح جو سوير گڏهه گاڏي تي ڍٻا رکي گهر لاءِ پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو هو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب هو ڪري فوت ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو