209

ڄامشوري جي ماڊل ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار عورت سميت ٽن ڄڻن کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشوري جي ماڊل ڪورٽ اڌ مڻ چرس ۽ پاءُ نشي آور پائوڊر هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل سيوهڻ واسي هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس حيدرآباد سال اڳ سيوهڻ ۾ ٽن ڄڻن مسمات سسئي، ربڏنو ۽ ساجد کي گرفتار ڪري وٽانئن 20 ڪلو چرس ۽ پاءُ نشي آور پائوڊر هٿ ڪرڻ جي دعوي’ ڪندي مٿن اهڙو ڪيس داخل ڪيو هو. ڄامشوري جي ماڊل ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج نوشاد احمد شيخ  اڄ گرفتار ٿيلن جوابدارن جي وڪيلن ايڊووڪيٽ اعجاز اعواڻ ۽ اعجاز جتوئي جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٽنهي ڄڻن کي ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو