اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران عوام تي ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيو وڃن، جنهنڪري پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾وڏي واڌ جا امڪان آهن. رپورٽن مطابق وفاقي حڪومت پاران مهانگائي ۽ ڪورونا سٽيل عوام تي ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، پهرين فيبروري کان پيٽرول 12 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊيزل جي في ليٽر ۾ 10 رپين جي واڌ واري تجويز به شامل آهي.
228