188

پاڪستان ۾ حياتياتي ليبارٽريون ۽ انهن جي اهميت…

ليکڪ: زبير احمد

اسان هڪ جديد دور ۾ قدم رکي چڪا آهيون، جديد دور ۾ انسان امر ٿيڻ يا وڌ ۾ زندهه رهڻ جو خواهشمند ٿيو آهي هن دنيا جي تاريخ تي نظر وجهندي اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هن دنيا جي ماڻهن هميشه کان هڪٻئي تي غالب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پهرين پٿرن جي هٿيارن سان پوءِ ڪاٺي ۽ لوهه جي هٿيارن سان، سائنس جي ترقي سان جديد هٿيار به وجود ۾ آيا، جنهن ۾ جوهري هٿيار اچي وڃن ٿا، پر هن هٿيارن جو استعمال پوري انسانيت کي ختم ڪري سگهي ٿو، ان ڪري هن هٿيارن جو استعمال ڪنهن قوم کي غلام بڻائڻ لاءِ نٿو ڪري سگهجي، پر انسان ۾ هڪ عجيب فطرت آهي ته انسان غلام رکڻ يا پاڻ کان گهٽ وارا ماڻهو رکڻ ۽ حڪم هلائڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو. هاڻوڪي دور ۾ حياتياتي جنگين جو بنياد رکجي چڪو آهي، پر ظاهري طور ان ڳالهه جو ڪو به وجود نه آهي، حياتياتي جنگ ۾ تمام ننڍڙن جيوگهرڙن جو استعمال ڪيو وڃي، جيڪو اسان جي عام اک سان نظر نه ايندو آهي، جنهن کي اسان بيڪٽيريا يا وائرس چئون ٿا، جيڪي اسان جي جسم لاءِ نظر نه ايندڙ دشمن وانگر آهي، هن جنگ سان ڪنهن به ملڪ کي تباهه ڪري سگهجي ٿو، حياتياتي جنگ جي شروعات جنگ عظيم کان شروع ٿئي ٿي اهڙين جنگين کان بچڻ لاءِ پاڪستان ۾ حياتياتي ليبارٽريز جو تعداد وڌي رهيو آهي، هر ليبارٽري پاڻ کي بهتر کان بهتر ثابت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي وئي آهي،  بائيو سيفٽي ليول ليبارٽري ڇا آهي؟ ليبارٽري هڪ اهڙو ڪمرو آهي جنهن ۾ جديد ميڊيڪل سائنس جون مشينون موجود هونديون آهن، جنهن ذريعي ميڊيڪل سائنسدان بيماري ڏياريندڙ ڪيميڪل ۽ جيوگهرڙن جي ڳولا ڪندو آهي، بائيو سيفٽي ليول ليبارٽري کي (بي ايس ايل) ليبارٽري به چيو ويندو آهي، هن ليبارٽري کي ڪم ڪندڙ ۽ ماحول کي تحفظ ڏيڻ لاءِ گهربل حفاظتي قدمن جي نشاندهي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، بائيو سيفٽي ليول ليبارٽري جا قسم ٿين ٿا، اهي قسم حياتياتي نموني جي سطح کي ڏسي ڪري هن ليبارٽري کي اڃا جديد ڪيو وڃي ٿو. بائيوسيفٽي ليول ليبارٽري جا قسم بائيو سيفٽي ليبارٽري-1: بي ايس ايل ليبارٽري ون ليب متاثر ٿيندڙ جراثيمن يا زهريلن مادن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، هن ليب ۾ ميڊيڪل ٽيڪنالاجسٽ بنيادي حفاظتي سامان جو استعمال ڪندو آهي، هن ليبارٽري ۾ معياري انجنيئرنگ ڪنٽرول جو استعمال ٿيندو آهي.بائيو سيفٽي ليبارٽري-2: بي ايس ايل ليبارٽري ٽو وچٿري خطري واري ليبارٽري هوندي آهي، هي بائيو سيفٽي سطح ليبارٽريز تي محيط آهي، جيڪي انساني ايجنٽ سان بيمارين سان تعلق رکندڙ ايجنٽ سان ڪم ڪن ٿيون، مثال طور بي ايس ايل ۾ جنهن وائرس ۽ بيڪٽيريا تي ڪم ڪيو وڃي ٿو انهن ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ڪجهه خاص قسم جا بيڪٽيريا هوندا آهن، بي ايس ايل ليب ٽو، بي ايس ايل ليب ون وانگر ساڳئي نموني مائيڪرو بائل طريقا برقرار رکن ٿيون، پر هن ۾ بهترين طريقي سان مٿي ڏنل جيوگهرڙن جي امڪاني خطري جي خلاف استعمال ڪيو وڃي، هن ليب ۾ عملي کي تحفظ پڻ فراهم ڪيل آهي. بي ايس ليول ٽو ۾ هڪ خاص قسم جي سيفٽي ڪيبن جو استعمال ڪندا آهيون، جنهن کي بائيو سيفٽي ڪيبن ون چئبو آهي، هن ليب ۾ هر جڳهه تي هر قسم جي نشاني لڳل هوندي آهي، جديد در لڳل هوندا آهن، حياتياتي خطري جون نشانيون پڻ لڳل هونديون آهن. بائيو سيفٽي ليبارٽري-3:  بائيو سيفٽي ليول ٿري هن ليبارٽري ۾ عام طور تي مائيڪرو جنن تي ڪم ڪيو ويندو آهي، جيڪي انسان ۾ موتمار بيمارين جو سبب بڻجن ٿا، هن ليبارٽري ۾ مائيڪرو جنن، پيلو بخار، ويسٽ نيل وائرس ۽ بيڪٽيريا جيڪي بخار جو سبب بڻجن ٿا، انهن تي ڪم ڪيو وڃي ٿو، مائيڪروب تمام گهڻا خطرناڪ هوندا آهن، ان ڪري ان تي تمام سنجيدگي ۽ سختي سان ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو.هن قسم جي ليبارٽري ۾ بائيو سيفٽي ڪيبن ٽو جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪا ڪاٽو پريشر ٺاهي ڪري اسان جي ماحول کي ۽ سائنسدانن کي محفوظ رکي ٿي، هن ليبارٽري جا در، فرش هر قسم جو سامان هڪ خاص قسم جو ٺهيل هوندو آهي جيڪو بيڪٽيريا کي مارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. بائيو سيفٽي ليبارٽري-4: بي ايس ايل فور ناياب ليبارٽري آهي، هن ليب جو پاڪستان ۾ ڪو به وجود نه آهي، هي ليب صرف ترقي يافتا ملڪن ۾ موجود آهي، هي ليب بائيولاجيڪل حفاظتي جي اعليٰ سطح جي ليب آهي، بي ايس ايل ليب ۾ انتهائي خطرناڪ ۽ خارجي مائيڪرو بائل تي ڪم ڪيو ويندو آهي، هي اهي جراثيم هوندا آهن جن جو ڪو علاج يا ويڪسين نه هوندي آهي، مثال طور تي ايبولا وائرس، ماربرگ وائرس شامل آهن، دنيا هن ليبارٽريز تي تمام سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ليبارٽريز اڃا بي ڌياني جو شڪار آهن، جيڪڏهن وقت جي ايندڙ حالتن کان بچڻو آهي ته هن ليبارٽري جي شعبي کي ترقي ڏني وڃي، جيئن اسان پنهنجي نسلن کي ايندڙ وقت ۾ به آزاد قوم رکون. پاڪستان جي ٻئي نمبر وڏي يونيورسٽي، يونيورسٽي آف سنڌ ۾ به هن شعبي جو بنياد رکيل آهي، پر توجهه اڃا حاصل نه آهي، اسان جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني جو منتظر هي ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جيڪو ملڪ لاءِ سٺا ميڊيڪل سائنسدان ڏئي چڪو آهي، اميد آهي ته هاڻي هن شعبي کي به ترقي ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو