ليکڪ: پيار علي چانڊيو
ھند ۽ سنڌ جي ورھاڱي کان اڳ برٽش انگريزن برصغير جي خطي تي حڪمراني وقت پنھنجون انتظامي صلاحيتون گھڻي قدر سنڌ ۾ استعمال ڪيون، جنھن تي گورن مٿان ڪجھه سوال اٿيا ته سنڌ تي ايڏي دلچسپي ڇو.؟ موٽ ۾ گورن وٽ اھو ئي جواب هوندو ھو ته سنڌ دنيا جو اھو خطو آھي جو سڄي دنيا ۾ سنڌ جھڙو ڪو ڀاڳوند ۽ خوشحال خطو هجي، هي ته گورن جي سرڪار جو جواب هو، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ هزارين ورهين جي تاريخ ۾ سدائين سُکي ۽ ستابي رهي آهي. سنڌ جي مهمانوازي، آسودگي، خوشحالي ۽ وڻج واپار ڏيهان ڏيهھ مشهور رهيو آهي. سنڌ تي ڌارين جي هلائن ۽ حملن جو سبب به سنڌ جي آسودگي ۽ خوشحالي رهي. رڳو عربن ئي سنڌ جي ڌن ۽ دولت کي لٽڻ ۽ سنڌين کي پنهنجو غلام بڻائڻ لاءِ چوڏهن ڀيرا حملا ڪيا، جن مان تيرهن حملا سنڌين ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ حجاج بن يوسف جي حڪم تي محمد بن قاسم 711ع ۾ چوڏهون ڀيرو سنڌ تي حملو ڪري پنهنجو قبضو ڄمائي سنڌ جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪرڻ سان گڏ سنڌ جو ڌن، دولت، سون ۽ چاندي ڦري کڻي وڃڻ سميت سنڌ جي نياڻن جون عصمت دريون ڪري کين غلام بڻائي بغداد ڏانهن موڪليو. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ وطن جي بچاءَ ۽ تحفظ خاطر مياڻن مان تراريون ڪڍي ويڙهاند ته ضرور ڪئي آهي پر سنڌي ماڻهن جي امن پسندي به دنيا جي لاءِ هڪڙو مثال آهي ته سنڌين سموري تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن پاڙيسري ملڪ تي اڳرائي ڪري حملو نه ڪيو آهي، اھڙي امن ۽ آدرش واري خطي جون ماضي ۽ موجوده حالتون ڏسون ٿا ته ھڪ ڀيانڪ منظر سامھون اچي ٿو، ھڪ سکي ستابي ۽ سرسبز خطي جون موجوده حالتون ايترو ته بدتر بڻيل آھن جو آزادي کان پلٽو کائي غلامي واري دور کي ترجيح ڏيڻ ۽ سوچڻ تي مجبور بڻجي ويا آھيون، خوشحال خطي جي اھڙي حالت ۾ ڪنھن ٻئي ڌر جو ھٿ ناھي پر ورھين کان وارثي ڪندڙ ڌريون ئي ذميوار آھن، جن کي سرسبز خطو سونپيو ويو ھو، ھن وقت اھو شاداب خطو سنڌ درپيش مسئلن جي ور چڙھيل آھي، ترقي بدران عوام کي تباھي طرف ڌڪيو ويو آھي، سوني ڌرتي جا وارث بک، بدحالي ۽ تنگدستي وارين حالتن سان ورھين کان جنگ جوٽيو بيٺا آھن ۽ صورتحال اتي اچي بيٺي آھي ته روزانو ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪمون شهيد تائين غربت، بک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جا ماريل ماڻهو آپگهات ڪري زندگين جا ڏيئا گُل ڪرڻ لڳا آهن ۽ اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، واڳ ڌڻين جي حالت اها آهي جو هڪ پاسي ماڻهو انهن حالتن جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي ڏهاڪن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ وزير ۽ مشير ٺڙڪ ٺڳي وسيلي غربت سٽيل ماڻهن کي اڃا وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڪرت سان لڳل آهن، هڪ طرف اهي زيادتيون آهن ته ٻئي پاسي وفاق جون زيادتيون به ڪي گهٽ نه آهن، ائين نٿو چئي سگهجي ته سمورين براين ۽ خرابين جي ذميوار رڳو سنڌ سرڪار آهي پر اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اهي سموريون سياسي ڌريون جن ۾ مسلم ليگ (ن) فنڪنشل ليگ، ق ليگ ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون، جيڪي واري ڦيري سان وفاقي حڪومت جو حصو رهيون آهن پر انهن سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي سدائين ڪبوتر وانگر اکيون بند رکيون آهن ۽ نتيجي ۾ سنڌ پاڪستان جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ باوجود پاڻ بدحالي جو شڪار آهي ۽ اتان جا رهواسي خودڪشيون ڪرڻ ۽ پاڻ ساڙڻ تي مجبور آھن، سنڌ کي معاشي طور پٺتي ڌڪيندڙ وفاق جي به ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي آھي پر اهڙي قسم جي اڻ برابري واري ورهاست ۽ ٻٽو معيار قدرت طرفان نه آهي، پر هتان جي سسٽم، هتان جي حڪمرانن ۽ انهن جي ڪارندن جي چالاڪي، مڪاري، دوکيبازي، ٺڳي ۽ وڏي حرفت سان سنڌ جي حقن تي راتاها آهن. جيڪي اڃان به جاري آهن. حقيقت اها آهي ته اميرن، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جون سموريون عياشيون پورهيتن جي رت ۽ پگھر مان پيدا ٿيندڙ دولت جي ڪري آهن. اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن وسيلن ۽ شين جي صحيح، برابر ۽ انصاف ڀري ورهاست ٿئي ته آبادي جي وڏي گھڻائي جيڪا پنهنجن سمورن حقن کان محروم، محڪوم ۽ غلام بڻائي وئي آهي، بيوسي، بيروزگاري هيڻائي، بک ۽ بدحالي جو بار کڻڻ تي مجبور نه هجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن جي ڪا به کوٽ نه آهي، قدرتي نعمتن، معدني وسيلن، بندرگاهن ۽ سنڌو درياهه سميت دنيا جھان جون سموريون آسائشون، نعمتون ۽ سهولتون سنڌ ۾ موجود آهن، سنڌ جي ڌرتي وسيلن سان مالامال آهي، پر سنڌين جي بدقسمتي اها آهي جو انهن سمورن وسيلن تي کين مالڪيءَ جو حق حاصل نه آهي، ان سڄي حقيقت جا ذميوار ڌرتي جا واڳ ڌڻي۽ وفاق آهن، جيڪي ڌرتي ڌڻين جي حقن کان اکيون ٻوٽي صرف پنهنجي لاءِ سوچي رهيا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌين کي هاڻ سوچي سمجهي پنهنجي مستقبل لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ پوندا.