ايڊيٽوريل
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن بابت عالمي فهرست تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ ڪرپشن 4 درجا وڌيڪ وڌي وئي آهي، 2019ع ۾ پاڪستان جي ڪرپشن انڊيڪس 120 هئي، جيڪا 2020ع ۾ 124 ٿي وئي آهي، چيئرمين ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل مطابق نيب جي دعوائن باوجود ڪرپشن وڌي آهي، نيب ٻن سالن ۾ 365 ارب رپيا به برآمد ڪيا آهن، رپورٽ مطابق ڪرپشن وڌڻ کانپوءِ ڪرپشن بابت 180 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جي رينڪ 124 ۽ اسڪور 31 رهيو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان جي رينڪ 120 ۽ اسڪور 32 هو، جڏهن ته 2018ع ۾ رينڪ 117 ۽ اسڪور 33 هو، ڪرپشن انڊيڪس 180 ملڪن جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي، ڪرپشن تي پرسيپشن انڊيڪس 180 ملڪن ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪرپشن جي صورتحال جو جائزو وٺي ترتيب ڏنو ويو آهي، ڪرپشن کان پاڪ ملڪن ۾ 88 اسڪور سان ڊينمارڪ ۽ نيوزيلينڊ سرفهرست آهن، جڏهن ته شام، صوماليا ۽ ڏکڻ سوڊان بدترين ڪرپٽ ملڪ رهيا، جيڪي صرف 14 پوائنٽون حاصل ڪري سگهيا آهن، ڀارت 40 پوائنٽ حاصل ڪري 86 نمبر تي رهيو، جڏهن ته 67 اسڪور سان آمريڪا 25 هين نمبر تي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪرپشن ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، مسلسل بدعنواني سان صحت جي نظام کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ جمهوري نظام کي به پوئتي ڌڪي رهي آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جتي انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ ڀوائتي آهي اتي موجوده حڪومت جي بيانيي جي به بلڪل ابتڙ آهي، تحريڪ انصاف کي پاڪستان ۾ مشهوري ۽ ووٽ به ڪرپشن فري پاڪستان جي نعري تحت مليا آهن ۽ پنهنجي اڍائي سالن جي دور ۾ وزيراعظم سميت سندس سموري ڪابينا ۽ چونڊيل نمائندا گذريل حڪومتن خلاف ڪرپشن جي مسلسل مهم پڻ هلائي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان پاڪستان ۾ مختلف پارٽين جا اڳواڻ يا ته جيلن ۾ آهن يا وري ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ موجوده حڪومت پاڻ کي مڪمل طور تي پارسا ظاهر ڪندي آئي آهي پر موجوده رپورٽ جتي حڪومت جي بيانيي جا بکيا اڊيڙيا آهن، اتي اها عام ماڻهو لاءِ به انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي ته جيڪا حڪومت مسلسل پاڻ کي صاف ۽ شفاف سڏرائي رهي هئي ان جي اڍائي سالن جي دور ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بدران ان جو ريشو ۽ رينڪ وڌي وئي آهي، رپورٽ مان اها به ڳالهه ظاهر آهي ته موجوده حڪومت جو پنهنجي ادارن ۽ پنهنجي ماڻهن تي ڪيترو ڪنٽرول آهي، اسان سمجهون ٿا ته گذريل اڍائي سالن دوران حڪومت جو سمورو ڌيان رڳو ڪرپشن جي بيانيي ۽ مخالفن تي الزامن ۾ گذريو آهي، جڏهن ته عملي طور تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حڪومت وٽ ڪا به اهڙي پاليسي يا قدم نه آهن، جنهن سان ان مرض مان پاڪستان کي ڇوٽڪارو ملي سگهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل اهڙو ادارو آهي جنهن تي موجوده وزيراعظم عمران خان جو به اعتماد آهي ۽ هو گذريل دورن ۾ ان جا باربار حوالا پڻ ڏيندو آيو آهي ۽ وقت وزيراعظم کي اهڙن ئي حوالن جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن وقت حڪومت جي وزيرن، مشيرن توڙي نمائندن وٽ ان جي دفاع ۾ ڳالهائڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي، سواءِ ان جي ته اهي ماضي جي حڪمرانن تي الزام هڻن، ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ به قدم کڻي ۽ پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ۽ اهڙا گس ۽ رستا اختيار ڪري جنهن سان ملڪ مان ڪرپشن حقيقي طور تي ختم ٿئي ۽ عام ماڻهو کي رليف ملي سگهي.