ليکڪا: رافعه ذڪريه
20 جنوري 2021ع تي هڪ بزرگ شخص وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ پنهنجي سيٽ سنڀالي، آمريڪا جي ان نئين پر تجربيڪار صدر قلم جي هڪ ئي ڌڪ سان مسلمانن تي لاڳو پابندي کي ختم ڪري ڇڏيو، هن آمريڪا ۾ داخلا مٿان لاڳو امتيازي پابندين کي ختم ڪرڻ جي صدارتي حڪم نامي تي صحيحون ڪيون ۽ ائين هاڻ ايران ۽ يمن جهڙن ملڪن جا شهري به هاڻ ويزا حاصل ڪري آمريڪا جو سفر ڪري سگهن ٿا.هيءَ انتهائي بيوقوفاڻي پابندي هئي ۽ ان جو سبب ٻڌايو ويو هو ته ان پابندي سان مسلمان انتهاپسندن کي آمريڪا اچڻ کان روڪي سگهبو، ڪجهه هفتا اڳ مقامي آمريڪي دهشتگردن آمريڪي سينيٽ جي عمارت تي حملو ڪري ڏنو هو، هاڻ ائين لڳي ٿو ته مسلمانن تي لڳل پابندين جي ڪهاڻي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي آهي، مسلمانن تي لاڳو پابندين جي خاتمي جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته آمريڪا دنيا لاءِ پنهنجا دروازا کولي رهيو آهي، جيتوڻيڪ مسلمانن ته پابندي کان آزادي حاصل ڪري ورتي پر هڪ نئين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، معاملو اهو آهي ته ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندڙ فرد جيڪي آمريڪي شهري نه آهن، اهي هاڻ آمريڪا نه اچي سگهندا، اها اهڙي پابندي آهي جنهن جو ڪجهه سال اڳ تائين تصور به ڪري نه سگهبو هو، ان کانسواءِ برطانيا، برازيل ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي شهرين تي به پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن (اهي پابنديون اڳ به لاڳو هيون پر اڳوڻي صدر ٽرمپ پنهنجي صدارتي مدي جي آخري ڏينهن ۾ انهن کي ختم ڪري ڇڏيو هو) انهن پابندين جي روشني ۾ مستقبل ۾ لڳندڙ سفري پابندين جو خاڪو ٺاهي سگهجي ٿو، اهي ملڪ جتي ڪورونا جي ويڪسين ۽ ان وائرس کان بچڻ لاءِ ڪي خاطري واريون سهولتون موجود نه هجن ۽ جتي موجوده وائرس جا قسم هلندڙ ويڪسين سان ختم نه ٿي سگهن ته انهن ملڪن جي شهرين کي مستقبل ۾ سفري پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ويسڪين جي موجودگي کانپوءِ به ان جي صلاحيت ۽ ملڪن ۾ وائرس جي پکيڙ جي شرح به اچ وڃ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهندي. بائيڊن انتظاميا هڪ ٻيو شروعاتي قدم کڻندي ڪانگريس کي هڪ نئون اميگريشن بل موڪليو آهي، ان بل مطابق نئين حڪومت ٻين ملڪن مان وڏي پئماني تي فردي قوت کي آمريڪا آڻڻ تي گهٻرائي رهي آهي، ٽرمپ انتظاميا به ڪجهه ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان وڏي تعداد ۾ ايڇ-1 بي رکڻ جي مخالف هئي، ان عمل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽرمپ حڪومت ان جي طريقيڪار ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڪڏهن ان تي مڪمل پابندي هنئي ته ڪڏهن پابندي هٽائي به وئي، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پرڏيهي ماڻهن کي اهڙيون نوڪريون ملڻ گهرجن، جيڪي اصل ۾ مڊل ڪلاس آمريڪين لاءِ آهن؟ اهو جيترو ٽرمپ انتظاميا لاءِ ڏکيو هو، ايترو ئي بائيڊن انتظاميا لاءِ به ڏکيو آهي، شايد ان سبب جي ڪري بائيڊن جي اميگريشن پاليسي جو مرڪز هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ هوندو، بائيڊن انتظاميا انهن فردن کي معافي ۽ شهريت حاصل ڪرڻ جو آسان رستو فراهم ڪندي ان کانسواءِ ننڍپڻ ۾ غيرقانوني طور تي آمريڪا آندل ماڻهن لاءِ به ڪو مستقل حل ڳوليو ويندو، ٽرمپ طرفان پناهه جي درخواستن تي لاڳو پابنديون ۽ ٻارن کي والدين کان الڳ ڪري قيد ڪرڻ هاڻ قانون نه رهيو آهي، بائيڊن جو آمريڪا هاڻ اهو آمريڪا نه هوندو، جتي دنيا جا قابل ترين ماڻهو آساني سان هجرت ڪري وڃن ۽ شهريت به حاصل ڪري وٺن. آمريڪا کي هن وقت وائرس ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاشي کوٽ جهڙا 2 وڏا چئلينجز آڏو آهن، سفري پابندين سان وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ کليل سرحدن سبب سامهون ايندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، اهڙي طرح نوڪرين جي کوٽ جو مطلب اهو هوندو ته غيرقانوني ترسيلن ۽ پرڏيهين کي نوڪريون ملڻ ڏکيو ٿي ويندو، غيرقانوني مهاجرن کي معافي ملڻ سان آمريڪي شهرين ۾ ڪروڙن جي واڌ ٿيندي ۽ مهاجرن لاءِ ويزائن جو انتظار وڌيڪ ڊگهو ٿي ويندو، ان ڪري اهڙن ماڻهن جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي جيڪي آمريڪا اچي پنهنجي ويزا جي مدت وڌائڻ بدران قانوني طريقي سان آمريڪا وڃڻ چاهين ٿا. بائيڊن انتظاميا آمريڪا کي ماحول جي حوالي سان ٿيندڙ پئرس ٺاهه ۽ صحت جي عالمي اداري جو ٻيهر حصو بڻايو آهي، ان قسم جي قدمن جو مقصد لبرل عالمي نظام ۾ آمريڪا کي ٻيهر متعارف ڪرائڻ آهي پر نيون سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ ۽ غير ملڪي مزدورن لاءِ ڪجهه پراڻين پابندين کي برقرار رکڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته هاڻ آمريڪا ذهين ترين فردن لاءِ پنهنجا دروازا اڳ وانگر کليل نه رکندو. مسلمانن تي لاڳو پابندين جي خاتمي سان گڏوگڏ ئي اسلامو فوبيا بابت ٽرمپ جي بيانيي جو خاتمو بنا ڪنهن شڪ جي هڪ سٺي خبر آهي، پر جوبائيڊن جو آمريڪا عمل کان وڌيڪ نظرين ۾ مختلف هوندو، وبا جي ڪري دنيا سوڙهي ٿي رهجي وئي آهي، ان جو مطلب آهي ته هاڻ اهڙو ڪو ماضي نه آهي، جنهن کي ٻيهر بحال ڪري سگهجي، ائين لڳي ٿو ته هن نئين دنيا جون حدون اڳ کان به وڌيڪ سخت هونديون. اڄ ماڻهو وائرس کي پکيڙڻ بدران وڌ کان وڌ وسيلا استعمال ڪرڻ بنا آن لائن هڪٻئي تائين رسائي حاصل ڪري رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته گهڻا فڪري ڪم ان ذريعي ئي ٿين، ان جو مطلب اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ ذهانت جي بنياد تي هجرت ڪرڻ جا موقعا انتهائي گهٽ هوندا. پاڪستان کي به هاڻ هڪ اهڙي دنيا لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ خيالن جي آن لائن مٽاسٽا هجي. جيتوڻيڪ دهشتگرديءَ کي سامهون رکي لڳل سفري پابنديون ختم ٿي چڪيون آهن پر ڪورونا جي ڪري لڳندڙ سفري پابنديون اڃا به برقرار رهنديون، اهڙي موقعي تي پاڪستاني معيشت جو دارو مدار ناڻي جي ترسيلات تي نٿو رکي سگهجي، خليجي ملڪن ۽ آمريڪا طرفان لڳندڙ پابندين کي ڏسندي پاڪستان جي حڪومت کي آفيس کان پري ويهي ڪم ڪرڻ جون سهولتون متعارف ڪرائڻ گهرجن اهڙي طرح اهي انجنيئر ۽ ڪمپيوٽر سائنٽسٽ جيڪي ڪڏهن خليجي ملڪن ۽ مغربي ملڪن ۾ موڪليا ويا هئا اهي ويزا پابندين جو فڪر ڪرڻ کانسواءِ آفيس کان پري ويهي پنهنجو ڪم ڪري سگهن، دنيا هاڻ تبديل ٿي رهي آهي، ڪورونا کان اڳ جي دنيا هاڻ هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي آهي، جيڪو به تيزي سان پاڻ کي هن نئين دنيا ۾ ضم ڪندو اهو ئي هن دنيا مان سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺي سگهندو.