247

ڪوٽ لالو ڀرسان مبينا طور بيواهه عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي، احتجاج

ڪوٽ لالو (ن سوڀ) ڪوٽ لالو ڀرسان مبيناطور بيواھ عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عورت پاران مزاحمت تي  جوابدار کيس ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو. ڪوٽ لالو ڀرسان ڳوٺ ننگر خان مري ۾ جوابدار مقيم خاصخيلي پاران نالي چڱي خاصخيلي جي گهر ۾ گهڙي مبيناطور بيواھ عورت کي اغوا جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت تي جوابدار عورت کي ڪهاڙي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو. متاثر عورت شهناز خاتون،  نالي چڱو خاصخيلي، غلام محمد خاصخيلي، اسماعيل، لطيف، منور  شاھد، دوست محمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بااثر مقيم خاصخيلي صبح سويري گهر ۾ داخل ٿي زبردستي بيواهه کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار مقيم خاصخيلي کيس ڪهاڙي سان ڌڪ هڻي فرار ٿي ويو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو