335

مانجهند تعلقي کي گئس نه ملي، قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران احتجاج جاري

سن(ن سوڀ) تعلقي مانجهند جي ڳوٺن ۽ شھرن کي گئس نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران احتجاجن جو سلسلو جاري آهي. تعلقي هيڊ ڪواٽر مانجهند ۾ جدوجهد ڪميٽي جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ خدابخش ٿيٻو، گوتم  چنا، مولانا سڌير احمد رند، لياقت ملاح، محمد عمر ابڙو، عبداللطيف پنهور، محمد ملوڪ ٿيٻو ۽ محمد يوسف عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي ويئي. احتجاجي ريلي ۾ ايس يو پي، جسقم، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي ۽ ڪئمپ تي شريڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن يو اي پي گئس ڪمپني ۽ ڊي سي ڄامشورو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ايڊووڪيٽ خدابخش ٿيٻو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان گئس ڪمپني علائقي مان گئس ڪڍي ته رهي آھي پر علائقي کي ٻارڻ لاءِ گئس نه ڏيئي سپريم ڪورٺ جي فيصلي جي توهين ڪري رهي آھي، ڊي سي ڄامشورو ۽ سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ضلعي سوشل فنڊز ۾ بدعنواني ڪري رهيا آھن ۽ علائقي ۾ ڪابه بنيادي سهولت ناهي.هنن وزيراعظم ۽ سپريم ڪورٺ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو