248

ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 88 رنسن جو سولو هدف ڏنو، جيڪو پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ مئچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ ۾ 220 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم فواد عالم جي سينچري جي بدولت 378 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي، اهڙي ريت ميزبان ٽيم کي 158 رنسن جي برتري حاصل ٿي، جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 245 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا پاران ڏنل 88 رنسن جي آسان هدف تي پاڪستان 3 وڪيٽون وڃايون، عمران بٽ 12، عابد علي 10 ۽ ڪپتان بابر اعظم 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، اظهر علي 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٻي اننگ ۾ مهمان ٽيم پاران ڊين ايلگر 29 رنسن تي آئوٽ ٿيو، وين ڊيرڊاسن ۽ ايڊن مارڪرم 127 رنسون ٺاهيون، ياسر شاهه ڊاسن کي 64 رنسن تي پويلين ڀيڙو ڪيو. ٽئين روز جي پڄاڻي تي رڳو 4 اوور باقي هئا پر فاف ڊپلسي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ۽ 10 رنسن تي ياسر شاهه جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ايندڙ اوور ۾ ماڪرم 74 رنسن جي اننگ کيڏڻ کانپوءِ نعمان علي هٿان شڪار ٿيو، قومي ٽيم پاران ياسر شاهه 4، نعمان علي ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. چوٿين ڏينهن مهمان ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهي پنهنجي اڻ مڪمل اننگ جي شروعات ڪئي، ڪيشومهاراج کي 2 رنسن تي حسن علي بولڊ ڪيو ۽ ڪپتان ڊي ڪوڪ جي اننگ جو خاتمو ياسر شاهه ڪيو ۽ هو به رڳي 2 رنسون ٺاهي سگهيو، اينرج نورجي کاتو کولڻ کانسواءِ آئوٽ ٿي ويو، جارج لنڊي 11 رنسون جڏهن ته ٽمباباوا 40 رنسن تي آئوٽ ٿيو. قومي ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ اسپنرز ڇانيل رهيا، نعمان علي5 ۽ ياسر شاهه 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ وڪيٽ حسن علي جي حصي ۾ آئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو