280

شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو جي 5 ساٿين سميت لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) گذريل رات دير سان علامه اقبال ٽائون لاهور مان دوستن سميت پوليس هٿان کنڀيل ڄامشورو واسي شاگرد اڳواڻ ثناءُ الله چانڊيو جي لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪندي مٿس ڊيوٽي اٽڪاءُ، ڀڃ ڊاهه، ڌمڪيون ڏيڻ، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پنجاب جي يونيورسٽين ۾ آن لائين سيمسٽرن جي مطالبن تحت ٿيندڙ احتجاجن دوران ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪيسن ۾ شاگرد اڳواڻن ثناءُ الله چانڊيو، سلمان سڪندر، علي اشرف، زبير صديقي، حارث اسد الله ۽ اشرف ملڪ جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ شاگرد اڳواڻن ثناءُ الله چانڊيو، سلمان سڪندر، علي اشرف، زبير صديقي، حارث اسد الله ۽ اشرف ملڪ سوڌو 12 سڃاتل ۽ 100 اڻڄاتل نامزد ڪيا ويا. داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  شاگردن احتجاج دوران يونيورسٽين کي نقصان پهچايو، انتظاميا کي ڌمڪيون ڏيندي سرڪار جي ڪم ۾ رڪاوٽون وڌيون، جڏهن ته ڄاڻايل 12 ڄڻن نفرت انگيز تقريرون ڪندي شاگردن کي ڀڃ ڊاهه لاءِ مڇرايو، جڏهن ته روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، مسافرن ۽ رهواسين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. ٻئي پاسي شاگرد اڳواڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف سرگرم رهندڙ ڪامريڊ ثناءُ الله امان جي والد ڪامريڊ امان الله چانڊيو جو چوڻ آهي ته  ثناءُ الله چانڊيو کي ٻن دوستن سميت گهران کنيو ويو، عوامي ردعمل ۽ سندس گهر واري ايڊووڪيٽ سدرا اقبال پاران کيس کنڀڻ خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ تي سندس جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته جلد ڪوڙا ڪيس ختم ڪري پٽ کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو