لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڏوڪري ڀرسان ڪيڊٽ ڪاليج روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي نتيجي ۾ ڪار سوار شهر جي الهه آباد پاڙي جا رهواسي حفيظ سولنگي، صمد سولنگي، امين سولنگي ۽ رياض بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان حفيظ سولنگي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته اسين لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد پاڙي جا رهواسي آهيون ڪم سانگي ڪار تي ڏوڪري وڃي رهيا هئاسين ته ڪيڊٽ ڪاليج روڊ تي تيز رفتاريءَ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
179