جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي 2015ع جي بين الاقوامي ايٽمي معاهدي تي هڪ ٻئي جي موجوده خدشن کي ختم ڪندي گڏجي ڪم ڪن پر کيس ان جي فوري حل جي اميد نه آهي. فرانسيسي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع ۾ ايران جي 2015ع واري ايٽمي معاهدي کان آمريڪا کي ڌار ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي انتظاميه ايران جي ايٽمي معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪرڻ جي صورت ۾ ٻيهر معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کان پهرين وک کڻڻ جي توقع ڪري رهيا آهن. سيڪريٽري جنرل پريس ڪانفرنس دوران ايٽمي معاهدي متعلق تعطل ختم ڪرڻ لاءِ امڪاني ٽياڪڙي بابت چيو ته ايٽمي معاهدي بابت گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو پر کيس ان جي فوري حل جي اميد نه آهي.
248