223

ٻين تي گند اڇلائڻ وارو پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ ۽ ٻين تي گند اڇلائڻ وارو پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪرپشن جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ ۽ ٻين تي گند اڇلائڻ وارو پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه نڪتو آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شاهدي ڏني آهي ته ٻن سالن ۾ پاڪستان وڌيڪ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ دٻجي ويو آهي. مريم نواز چيو ته ان سچ ئي چيو هو ته ”وزيراعظم ڪرپٽ هجي ته هر طرف ڪرپشن ئي ڪرپشن ٿيندي آهي، پر ماڻهو ايماندار آهي“.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو