316

خاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

سن (رپورٽ: ساگر سنائي) سن ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽  هڪ ڄڻو  زخمي ٿي  پيو  آهي. خاصائي  اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڪراچي کان ڊيرا اسماعيل طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار ۽  10 ويلر ٽرڪ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا 35 ورهين جو ميرزادا ولد پانڌي خان، 40 ورهين جو نور ولي ولد نرمائي ۽ 60 ورهين جو ڪار ڊرائيور گليل ولد مرض خان پٺاڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو 70 ورهين جو پايو گل زخمي ٿي پيو،  زخمي ۽ فوتي جي لاشن کي مقامي ماڻهن ڪار مان ٻاهر ڪڍي مانجهند اسپتال پهچايو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي آهي. خاڻوٺ پوليس حادثي جو شڪار ڪار ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي خاڻوٺ ٿاڻي جي حد خاصائي اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي روڊ ڪراس ڪندڙ گداگير کي ڪراچي کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ  ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ فقير ٿڏي تي چيڀاٽجي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي خاڻوٺ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي گداگير جي لاش کي تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ تعلقي اسپتال ڪوٽڙي کڻي وئي، جڏهن ته فوتي گداگير جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهنڪري فوتي جو لاش ڪوٽڙي اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي، مسافر ڪوچ گداگير کي ٽڪر هڻڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو