224

ڀارت زهريلو پاڻي ستلج درياهه ۾ ڇڏي ڏنو، هزارين مڇيون مري ويون، بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو

بهاولنگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت زهريلو پاڻي ستلج درياهه ۾ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب هزارين مڇيون مري ويون آهن، جڏهن ته آبي جيوت کي نقصان سميت بيماريون ڦهلجڻ جو پڻ خطرو آهي. رپورٽن مطابق بهاول نگر ۾ ستلج درياهه ۾ ڀارت پاران ايندڙ پاڻي مبينا طور زهريلو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان آبي جيوت جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. زهريلو ڪيميڪل مليل پاڻي سبب هزارين مڇيون مري ڪنارن تي گڏ ٿي ويون آهن، جڏهن ته ماهيگير پڻ اتي پيل مئل مڇيون کڻي وڃي رهيا آهن، جنهن سبب اهي بازارن ۾ وڪرو ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي. ماحوليات جي ضلعي آفيسر بابر خان مطابق هر سال جنوري ۽ فيبروري ۾ ستلج درياهه ۾ ڀارت پاران ڇڏيو ويندڙ پاڻي ۾ مبينا طور زهريلو ڪيميڪل مليل هوندو آهي، جنهنڪري آبي جيوت جون زندگيون داءَ تي لڳڻ سبب بيماريون پڻ ڦهلجڻ جو خطرو هوندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو