201

پاڪ_ڀارت فوجي تڪرار دنيا لاءِ تباهي ثابت ٿيندو: گڏيل قومون

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهيون ڪن. انتونيو گوٽريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪشمير واري مسئلي جو فوجي حل ناهي، پاڪ ڀارت فوجي تڪرار نه رڳو ٻنهي ملڪن لاءِ پر دنيا لاءِ تباهي ثابت ٿيندو. انتونيو گوٽريس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ ٽياڪڙي واري ڪردار جي آڇ پڻ ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو