اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي پرڏيهي وزير صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدار جي آزادي واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ جوابدارن کي سزا ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته انصاف جي فراهمي لاءِ قانوني گهرجن جي مڪمل پاسداري ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي آمريڪي هم منصب کي ان حوالي سان کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڊينئل پرل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ تي آمريڪا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ تيار آهيون.
251