ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لانڍي جي ڳوٺ عبدالله جي خانگي اسڪول مان 7 ورهين جي ٻارڙِي جو لاش هٿ آيو آهي. ٻار جي سڃاڻپ 7 ورهين جي ساحل ولد افتخار طور ٿي آهي، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻار جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. والدين جو چوڻ آهي ته ساحل صبح جو 7 وڳي اسڪول ويو هو، 8 وڳي اسڪول مان فون آيو ته ٻار کي وٺي وڃو، جڏهن اسان اسڪول پهتاسين ته ٻار فوت ٿي چڪو هو. هنن ٻڌايو ته ٻار کي دل ۾ سوراخ پڻ هو.
