سکر (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ اسان سڀ سنڌ سان محبت ڪريون ٿا، وزيراعظم جي بيان جو مقصد هو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون ۾ تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هاڻي تعليمي ادارا کولڻ جو وقت اچي ويو آهي، پهرين فيبروري کان سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن طرفان ذاتي مفادن کي اهميت ڏيڻ سبب پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي، ملڪي ناڻو لٽيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو. ٻئي پاسي سکر انتظاميا معصوم شاهه جي مينار تي وفاقي وزير شفقت محمود جي دوري دوران دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، دڪاندارن کي ڪاروبار کولڻ لاءِ وفاقي وزير جو دورو پورو ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پيو. ان سلسلي ۾ صحافين جي پڇيل سوال جي جواب ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته مون کي دڪان بند ڪرائڻ بابت ڄاڻ ناهي، مون انتظاميا کي رڳو ايترو ٻڌايو ته معصوم شاهه جو مينار گهمڻو آهي.
262