ميهڙ(ن سوڀ) ميهڙ ڀرسان شاهه پنجو سلطان ٿاڻي جي حد ڳوٺ فريد هتار ۾ معمولي ڳالهه تان جوابدارن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي عبدالحميد هتار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آھي ته هتار برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو هو، جنهن تان جوابدار پرويز هتار ڳوٺ ٻاهران بيٺل نوجوان تي پسٽل جا فائر ڪري ڏنا، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي سندس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي ڀاءُ اطهر ٻڌايو ته جوابدار بنا سبب فائرنگ ڪري منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آھي. هوڏانهن رابطي تي ايس ايڇ او شاهه پنجو گلزار خشڪ ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ زرعي زمين ۾ پاڻي جي پيچ تان مسئلو هو، جنهن تان جوابدار فائرنگ ڪري نوجوان قتل ڪيو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.
275