211

ڇاڇري ۾ ناري گهرو اڻبڻت تان مبينا طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي (ويب ڊيسڪ) ڇاڇري ۾ ناري گهرو اڻبڻت تان مبينا طور کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ڇاڇرو شهر جي سودرا پاڙي واسڻ نوجوان ناري 20 ورهين جي مورتي زال ڪستورو ميگهواڙ جو لاش کوهه ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ناري گهرو اڻبڻت تان کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو