ليکڪ: زبير احمد ٻوهيو
”اسان ڏينهون ڏينهن خراب ڇو پيا ٿيون، اسان جو معاشرو ڏينهون ڏينهن خرابيءَ جي طرف وڃي رھيو آھي، سو به ڦل ۽ ھڪ سو ويهھ واري اسپيڊ سان، انھن ڪردارن ۽ اھم شخصن کي ڏسندي ھر ماڻھوءَ جي ڊوڙ پئسن جي پويان آھي، پوءِ اھو مزدور ھجي يا واپاري، مل مالڪ ھجي يا ڪارخانيدار، پمپ جو مالڪ ھجي يا دڪان وارو، ھر عام ۽ خاص ماڻھو اھم ماڻھن جي ڳالھين تي ڌيان نه ڏيندا آھن، پر انھن جي عملن ۽ ڪردارن جي ڪاپي ڪري عمل ڪندا آھن. اسان جو سڄو ڌيان صرف ۽ صرف پنهنجي رتبي جي نمائش ۽ جسماني خوبصورتي تائين محدود آھي، اسان جي عورتن جو لباس اسان جي لاءِ سواليا نشان آھي پر اسان جو عقل ان سوال جو جواب ڏيڻ ئي نٿو چاهي، پردي يا قيد ۾ رکڻ ظلم آھي پر بي پردگي ۽ لاپرواھي به ته انصاف ۽ حق ڏيڻ جو حصو ڪونهي، ڇا پنهنجي گھر تي نظر رکڻ اسان جو فرض ڪونهي ته اسان جا ٻار اسڪول مان ڇا پيا سکي اچن، پنهنجي ٻارن جي خبر وٺڻ ڇا اسان جو فرض ڪونهي؟ مھانگائي ٿيندي ويهھ سيڪڙو ان کي رٻڙ وانگر اينگھائي اينگھائي سئو سيڪڙو ڪرڻ اسان جو ڪم…!اسان نوڪري نه ڪنداسين گھر ويٺي پگھار کڻڻ ۾ اسان فخر محسوس ڪيون، جيڪڏهن نوڪري ڪرڻ به وڃون ته ان آفيس ۾ مجال آھي جو ڪم ڪيون…!ھر ماڻھو پنھنجي جاءِ تي خرابيءِ طرف وڃي رهيو آهي، ان سان گڏ پاڻ کي سڀ ڪجهھ ٿو سمجھي، مجال آھي جو گڏھه گاڏي وارو به ڪنھن جي ٻڌي، چنگچيءَ ۽ موٽر سائيڪل وارو به پنھنجي مرضيءَ سان پيو ھلندو، مجال آھي جو اھو قانون اپنائي …!اھڙيون سوين ڳالھيون ۽ عادتون آھن جن کي به معاشرتي برائي چئبو آھي، ڪنھن کي غلط صلاح ڏيڻ به خراب عمل آھي، ڪنھن کي نه ٻڌڻ به غلط آهي، پنھنجي وت وس آھر مدد نه ڪرڻ هڪ ڪريل عمل آهي، جڏھن ننڍا ننڍا داڻا ملندا آھن ته ھڪ خوبصورت تسبيح ٿي پوندي آھي، جيڪڏهن اسان به سڀ پاڻ ۾ ملي ملڪ لاءِ سٺا ٿي وڃون ته ملڪ جنت بڻجي وڃي. ملڪ آھي ته اسان آھيون، جيڪڏهن ملڪ ئي نه رهندو ته اسان به نه رهنداسين، توھان تاريخ اٿلائي ڏسو اتي اسان جي 800 سالن جي بادشاھي ڪيئن وئي؟ ڪيئن گھرن مان مسلم کي ڪڍيو ويو قتل ڪيو ويو…!ڪيڏو نه جيءُ جهوريندڙ منظر آهي، سچ پچ روح روئي ٿو، من ملول ٿي ويو آهي، ڇا اسان جو معاشرو ايترو پست ٿي ويو آهي؟ جو اسان جا ننگ سرعام تڙپن پيا ۽ اسان اگهور ننڊ ستل آهيون، ھاڻي اسان کي پنھنجي نئين نسل کي اھل ڪرڻو آھي ته ان ۾ انسانيت ڦوڪڻي آھي، شروع کان ان کي تربيت ڏيڻ شروع ڪيو اھا ان ۾ فيڊ ٿي ويندي. اسان وٽ سٺي ماءُ ٿيڻ جي تربيت نه آھي، اسان وٽ سٺي پٽ ٿيڻ جي تربيت نه آھي، پيءُ پنھنجون ذميواريون نه ٿو پوريون ڪري نه ان کي خبر آھي ته ڪرڻو ڇا آھي؟ ذميواري ڪنھن کي چئبو آھي؟ اسان وٽ سٺو آفيسر ٿيڻ جي تربيت نه آھي اسان جي اھا تربيت آھي ته پبلڪ کي ڪيئن پريشان ڪجي جو آرام سان گھڻا پئسا ڏئي ان کي ڪيئن رلائجي پنائجي. اسان کي اھا تربيت نه آھي ته آفيس جو ڪم ڪيئن ڪرڻ گھرجي، آفيس ۾ ڪھڙي وقت اچجي ۽ گھر ڪھڙي وقت واپس وڃجي؟ اسان کي سٺو شھري ٿيڻ جي تربيت نه آھي، شاگرد کي سٺو شاگرد ٿيڻ جي نه تربيت نه ڄاڻ نه شايد ضرورت نه گھرج نه احساس بس سٺا نمبر اچڻ گھرجن. اسان جي معاشري ۾ پيادل ھلڻ واري کي ڪا تربيت نه آھي پان کائڻ واري کي اھا خبر نه آھي ته وات مان ٿڪ اڇلائڻ جو به ڪو طريقو هوندو آھي، اسان کي اھا خبر نه آھي ته گھر جو گند ڪچرو يا دڪان جو گند ڪچرو ڪٿي دفع ڪرڻو آھي، اسان اھو ٻوھاري سامھون روڊ تي اڇلائي پاڻ ئي گند ۾ اضافو ڪندا آھيون، اسان کي اھو احساس ۽ تربيت نه آھي ته اھو روڊ اسان جي ملڪيت آھي، اسان جو سک ۽ سھولت آھي. اسان تي ھاڻي فرض ٿو ٿئي ته ھينئر کان ئي ننڍن ٻارن کي تربيت ڏيون ته معاشرو ڇا آھي؟ اڄ اسان ڇوڪريءَ کي تميز سيکاريون ڇو جو سڀاڻي اھا ٻارن جي ماءُ ٿيندي، اڄ اسان پنھنجي پٽ کي تميز سيکاريون جو سڀاڻي اھو پيءُ ٿيندو، پھريان اسان پنھنجون عادتون ٻارن جي سامھون سٺيون رکون، پوءِ درس ڏيون ۽ جڏھن اسان ئي معاشري ۾ ناسور ھجون معاشري لاءِ مسئلا ھجون ته ايندڙ نسل وڌيڪ خون خرابو ۽ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ڪندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي معاشري جي ڀلائي لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجا فرض بهتر نموني سرانجام ڏيڻ پوندا ته جيئن اسان پنهنجي معاشري ۽ ملڪ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته معاشرا ماڻهن سان ئي جڙندا آهن، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجا رويا درست ڪريون ۽ پنهنجن ذهنن کي صاف ۽ شفاف بڻايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي به بهتر کان بهتر تربيت ڏيون ۽ انهن جي تعليم ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيون ته جيئن اهي مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن، ان سان گڏوگڏ اسان کي قانون تي مڪمل عمل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي پاڙيوارن سان گڏ ٻي انسانيت جي خدمت ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ انسانيت جي بهتر خدمت ئي حقيقي عبادت آهي.