241

گوشت ۽ کير واپرائڻ سان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ خطرناڪ بيماريون…

ليکڪ: ڊاڪٽر نعيم ڀٽي

جئين ته بيمار جانورن جي گوشت کائڻ ۽ کير واپرائڻ سان موذي بيماريون جهڙوڪ؛ ٽي بي (TB) جنهن جو جراثيم (مائڪو بيڪٽريم بووس)، ڇتو ٿيڻ  (Rabies)(رائبو وائرس)، ڦر جو ڪيرائڻ (Brucellosis)(بروسيلا ائبارٽس) ۽ ڪارو واءُ يا ٺڪاڻ (Anthrex) (اينٿريڪس بيسيلوس) وغيره، انسانن جي جسم منجهه منتقل ٿينديون آهن، پوءِ ڇو نه ذڪر ڪيل بيمارين ۾ مبتلا جانورن جو گوشت، رڌي اوٻاري کاڌو وڃي پر گوشت ۾ موجود جراثيم مري ڪونه ٿو ۽ پنهنجي مقرر وقت اندر ان وسيلي ماڻهن جي صحت کي هاڃيڪار بڻائڻ لاءِ متحرڪ رهي ٿو، انهن جي ذبح ڪرڻ ۽ ڪاسائين طرفان گوشت وڪرو ڪرڻ سان معاشري ۾ تيزي سان اهي خطرناڪ مرض وڌي رهيا آهن ان لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته مڪاني کاتي طرفان مهيا ڪيل ڪوس گهرن کي مڪمل طور فعال بڻايو وڃي ۽ مقرر ڪيل وٽرنري ڊاڪٽر کي بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن هو ڄاڻايل بيمارين ۾ متبلا جانورن کي ڪهڻ کان اڳ ۾ چيڪ  (Antimortum)ڪري سگهن، جنهن جو ذڪر سلاٽر ڪنٽرول ايڪٽ 1963ع ۾ پڻ ٿيل آهي، سڀئي ڪاسائي ان تحت پابند آهن ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڪهڻ کان پنهنجا جانور هڪ جاءِ تي ڪاهي اچن ۽ مقرر ڪيل ڊاڪٽر کان چيڪ ڪرائي پوءِ ذبح ڪن ۽ اتي موجود عملي کان تصديق جو ٺپو گوشت جي مختلف حصن تي لڳرائي پوءِ اهو گوشت وڪرو ڪن، ان سڄي طريقيڪار کي مڪمل فعال بڻائڻ لاءِ مقامي سطح تي مقرر ڪيل عملدارن جو وڏو اهم ڪردار بڻجي ٿو، جيڪي قانون موجب گهربل سهولتون، مقرر ڪيل وٽرنري ڊاڪٽر کي ڏئي ڪري، عوام الناس جي قيمتي صحت ۽ جان کي انهن موذي مرضن کان بچائي سگهن ۽ پڻ ڪاسائين طرفان رڍ جو گوشت، ٻاڪري گوشت طور ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ کان بچائي سگهن، قيمتي صحت ۽ جان کي انهن موذي مرضن کان بچائي سگهن ۽ پڻ ڪاسائين طرفان رڍ جو گوشت، ٻاڪري گوشت طور ماڻهن کي وڪرو ڪرڻ کان بچائي سگهن، ڇاڪاڻ جو هڪ تجربيڪار ڊاڪٽر کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته رڍ ۽ ٻڪري جي گوشت ۾ تشخيص ڪيئن ڪجي؟ ان کانسواءِ مالوند ڀائرن کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجي جانورن کي بيماري پوڻ کان اڳ ۾ بچاءَ جا ٽڪا وغيره، ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ مقرر ڪيل اسٽاف کان لڳرائين ته جيئن سندن جانور، وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ ٿي وڃن ۽ صحتمند جانورن وسيلي قومي اپت کي مضبوط ۽ سگهارو بڻائي سگهجي. اڄڪلهه عام طور تي اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته مالوند ڀائر پنهنجن جانورن کي کير لاهڻ لاءِ هڪ سئي جو استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪا سئي تمام خطرناڪ آهي، متاثر جانور جي کير پيئڻ سان، انسانن ۾ طرحين طرحين جو بيماريون جنم وٺي رهيون آهن ۽ سندن جا هارمون به مثار ٿين ٿا جي اندر به متاثر ٿين ٿا، گڙدا وغيره به متاثر ٿين ٿا، ساڳي ريت (Oxytocin) واري جانورن جي صحت به متاثر ٿيندي آهي، تنهن ڪري گذارش ٿو ڪريان ته مالوند ڀائر هڪدم پنهنجي قيمتي جانورن کي اها سئي هئڻ بند ڪن ته جئين ته انساني صحت کي هاڃيڪار اثرات کان بچائي سگهجي ۽ پڻ انهن جانورن کي به تندرست ۽ صحتمند بڻائي سگهجي، ڄاڻايل انجيڪشن جي نقصانن کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي گذارش آهي ته اها سئي مڪمل طور مارڪيٽ  اندر بند ڪئي وڃي ۽ ان تي سخت ايڪشن کنيو وڃي ته جيئن انسانذات جي قيمتي صحت کي نقصانن کان بچايو وڃي اميد ته منهنجي ذڪر ڪيل مڙني ڳالهين کي مثبت موٽ ملندي ۽ روڪٿام لاءِ پڻ جوڳا انتظام ڪيا ويندا ته جئين جانورن جي پالنا واري کاتي کي به ٻين کاتن جيان هٿي وٺرائي، ان ۾ موجود ڪم ڪندڙ باصلاحيت ڊاڪٽرن کي سندس قابليت موجب همٿ افزائي ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن جي صحت ۽ سندس پاليل جانورن کي بچائي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو