ايڊيٽوريل
حڪومت پاران مهانگائي ۽ ڪورونا سٽيل عوام تي ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، پهرين فيبروري کان پيٽرول 12 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊيزل جي في لٽر ۾ 10 رپين جي واڌ واري تجويز به شامل آهي، پيٽروليم ڊويزن جي منظوري کانپوءِ پهرين فيبروري کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويندو، اوگرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري 30 رپيا في لٽر ليوي جي بنياد تي تيار ڪئي آهي، ميڊيا ۾ اهي پڪا اطلاع آهن ته حڪومت پهرين فيبروري تي پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپين کان 12 رپين تائين واڌ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، ان کان اڳ وفاقي حڪومت هڪ مهيني دوران ٻه ڀيرا پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ڪري چڪي آهي.15 جنوري کان پيٽرول جي اگهه ۾ 3 رپيا 20 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 95 پيسا، گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا في لٽر ۽ لائٽ ڊيزل اگهه ۾ 4 رپيا 42 پئسا في لٽر واڌ ٿي. انهن اگهن تي 31 جنوري تائين عمل ٿيندو.انهيءَ واڌ جي نتيجي ۾ پيٽرول جو اگهه 106 رپين مان وڌي 109 رپيا20 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 110 رپيا 24 پيسن مان وڌي 113 رپيا 19 پيسا، لائٽ ڊيزل جو اگهه 71 رپيا 81 پيسن مان وڌي 76 رپيا 23 پيسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 73 رپيا 65 پيسن مان وڌي 76 رپيا 65 پيسا ٿي ويو هو ۽ انهيءَ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو ايندڙ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو، ان کان اڳ حڪومت ملڪ جي عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي پيٽرول 2 رپيا 31 پيسا لٽر ۽ ايل پي جي 15 رپيا 88 پيسا في ڪلو مهانگي ڪئي هئي. وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 10 رپيا 68 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 37 پيسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 14 رپيا 87 پيسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 رپيا 92 پيسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر وزيراعظم عمران خان عوام کي تيل جي اگهن ۾رليف ڏيڻ لاءِ اوگرا جي سفارش ڪيل اگهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهن جي منظوري ڏني آهي. جنهن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 31 پيسا لٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 80 پيسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 95 پيسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا 36 پيسا في لٽر تي واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 103 رپيا 61 پيسن مان وڌي 106 رپيا ٿي ويو هو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 108 رپيا 44 پيسن مان وڌي 110 رپيا 24 پيسا ٿي ويو، لائٽ ڊيزل جو اگهه 67 رپيا 86 پيسن مان وڌي 71 رپيا 81 پيسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 70 رپيا 29 پيسن مان وڌي 74 رپيا 65 پيسا ٿي ويو هو. اهڙي ريت حڪومت جنوري مهيني ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ مجموعي طور 5 رپيا 50 پيسا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 50 پيسن جو اضافو ڪري چڪي آهي، حڪومت طرفان جنهن ترتيب سان لڳاتار اگهن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو معاملو هڪ طئه شده پروگرام تحت اڳتي وڌي رهيو آهي، حڪومت تيل جي اگهن ۾ هر 15 هين ڏينهن اضافو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، اسان وٽ عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته حڪومت پيٽرول جا اگهه عالمي قيمتن کي سامهون رکي گهٽ وڌ ڪندي آهي پر عملي طور تي ائين آهي ڪو نه، اسان وٽ پنهنجي ضرورتن کي سامهون رکي پيٽرول جا اگهه هيٺ مٿي ڪيا وڃن ٿا، هڪ دور هو ته پيٽرول 131 رپين تائين في لٽر پهتو هو پر پوءِ جڏهن ملڪ ۾ عوامي طور تي شورس وڌي وئي ته ان کي ڪورونا دوران حڪومت فوري طور هيٺ لاهي 80 رپين تائين آندو هو ۽ هاڻي وري غير محسوساتي طريقي سان هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي ساڳئي ئي اگهه تي پهچائڻ جو سفر طئه ڪيو پيو وڃي، جيئن ته ملڪ اندر اڳواٽ ئي مهانگائي آهي ۽ عوام ڪورونا سبب بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال دوران هر 15 هين ڏينهن پيٽرول جي اگهن ۾ ٿيندڙ اضافو عوام جي چيلهه چٻي ڪري وجهندو ۽ ماڻهن جو جيئڻ ئي محال ٿي ويندو، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن کي فوري طور روڪي ۽ موجوده واڌ جو سلسلو بند ڪري ته جيئن عوام ڪجهه سک جو ساهه کڻي سگهي، اميد ڪريون ٿا ته حڪومت 31 جنوري تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز کي رد ڪندي ۽ نئين مهيني ۾ ڪا به نئين واڌ نه ڪئي ويندي.