211

آمريڪا-اتر ڪوريا ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي…؟؟

ليکڪ: طفيل مگسي

ڇا اتر ڪوريا بابت آمريڪي پاليسين ۾ ڪا تبديلي ايندي؟ اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.پر ڪم جونگ جو جوهري ۽ ميزائل پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جو ارادو ۽ آمريڪا کي پنهنجي ملڪ جو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏيڻ ڪنهن وڏي خطري کان خالي ناهي، هتي هي به چٽو ڪجي ٿو ته ڪم جونگ جو اهڙو بيان نئين چونڊجي آيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي هلندڙ مهيني اقتدار سنڀالڻ کان ڪجهھ ئي ڏينهن اڳ ۾ آيو آھي، اتر ڪوريا جوهري هٿيارن کي وڌيڪ ننڍڙو ۽ گھٽ وزن ڪري ٽيڪنيڪل جوهري هٿيار ٺاھڻ سان گڏوگڏ نهايت وڏن جوهري هٿيارن جي پائيدار بنيادن تي پيداوار کي عملي روپ ڏيندو.هتي هيءَ ڳالهھ به ذڪر جي لائق آھي ته اتر ڪوريا بئليسٽڪ ميزائل تي وڏي پيماني تي وار هيڊز نصب ڪرڻ ۽ ٺوس ٻارڻ واري بين البراعظمي بئليسٽڪ ميزائل جي تياري ڏانهن وکون وڌائي رهيو آھي.اتر ڪوريا جي ائٽمي تجربي کانپوءِ هن اعلان ڪيو ته اسان هڪ اهڙي رياست بڻجي چڪا آھيون.جنهن وٽ ھائيڊروجن بم پڻ موجود آھي، ان قسم جو بيان نه صرف آمريڪا پر سندس اتحادي ملڪن پر مغرب کي به پريشان ڪري ڇڏيو آھي، اتر ڪوريان جي ان بيان کانپوءِ آمريڪا جون وايون بتال ٿي ويون آھن ۽ ھو پنهنجين اتحادين سان گڏ نئين سوچ ويچار تي عمل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آھي. آمريڪا جنهن اٽڪل 70 سالن تائين اتر ڪوريا جو گهيراءَ ڪري ويٺو رهيو ۽ ھن پنهنجي جارحاڻين ارادن مطابق ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين اتحادي ملڪن ۾ درجنين فوجي اڏا پڻ قائم ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن وقت اچڻ تي هو پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهي.پر موجوده حالتن ۾ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته عالمي وسيلن تي قبضي ۽ اقتدار جي لاءِ ڪوششون جاري آھن، جنهن سان ٽين عالمي جنگ جا خطرا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آھن، ڏکڻ ڪوريا جي ائٽمي تجربن تي آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ اتحادي ملڪن جون سنگين قسم جي ڌمڪين کان ڇڪتاڻ ۾ وري واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اها ڌمڪي حقيقي خطري جو روپ پڻ اختيار ڪري وٺي.آمريڪا ۽ هن جي اتحادي ملڪن کي ان ڳالهھ جو يقين نه هو ته هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي کان گهيراءَ ڪري رهيو هجي.اهو ملڪ ائٽمي پاور بڻجي ويندو.پر ڪوريا اهو سڀ ڪجھه ڪري ڏيکاريو. عالمي اقتصادي پابندين ۽ سمورين مخالفتن جي باوجود اتر ڪوريا جي نئين حڪمت عملي آمريڪا ۽ سندس اتحادين ۽ گڏيل قومن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ۽ جي مطابق اترڪوريا جا ويجهڙائي وارا تجربا به اصل ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪا جي طرف کان دفاعي ميزائل نظام نصب ڪرڻ جي تياري ۾ مصروف آھي، ڇاڪاڻ ته انهن نام نهاد سپر طاقتن وٽ امن جو ڪو فارمولو ناهي.اتر ڪوريا جي ويجهڙائي واري ڪيل ميزائل تجربي بابت چوڻ آھي ته اهو هر ريت قانوني هو ۽ اھڙو قدم هن پنهنجي سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ بين الاقوامي ضابطن تحت کنيو آھي. ان سلسلي ۾ آمريڪا اجايو تنقيد ڪئي آھي، جيڪو هن جي ملڪ جي سالميت ۽ خودمختياري جي خلاف آھي.جيستائين آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي خلاف ڌمڪيون آميز رهيو رکندو، تيستائين اتر ڪوريا پنهنجي دفاعي صلاحيت ۾ واڌارو ڪندو رهندو، اتر ڪوريا جي ائٽمي تجربن کانپوءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادي پڻ ويچاري رهيا آھن ته اتر ڪوريا تي وڌيڪ سخت اقتصادي پابنديون مڙھي اتر ڪوريا کي اڪيلو ڪري ڇڏجي، آمريڪا ماضي ۾ به ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو الزام هڻي پابنديون مڙھي ڇڏيون هيون ۽ ھينئر موجوده صورتحال ۾ اتر ڪوريا جي طرف کان بار بار يقين ڏيارڻ باوجود ته جوهري هٿيارن کي فروغ ڏيڻ جو مقصد صرف پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آھي ۽ اهو ته هو انهن هٿيارن جي استعمال ۾ اڳڀرائي نه ڪندو.پر پوءِ به آمريڪا جي طرف کان پابنديون مڙھڻ جي وارننگ يا اشارو ڏيڻ فڪر جهڙي ڳالھه چئبي. اتر ڪوريا گذريل ٻارهن سالن ۾ ھڪ اندازي مطابق اٽڪل 6 ائٽمي تجربا ڪيا آھن.پر بئليسٽڪ ميزائل جي تجربي کانپوءِ حالتون وڌيڪ ڇڪتاڻ ڏانهن وڌي رهيون آھن، ڇاڪاڻ ته اهي ميزائل ڇڏڻ جي 30 منٽن کانپوءِ اٽڪل 7 سئو ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندي جاپاني سمنڊ ۾ وڃي ڪريو هو.جيڪو اتر ڪوريا جي اوڀرين ڪناري کان 400 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي.جنهن جو مطلب اهو باور ڪرائڻو هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به اتر ڪوريا جي ميزائل پروگرام جي مذمت ڪندي تنبيهھ ڪئي هئي ته ائٽمي هٿيارن جي استعمال جي ٽيڪنالاجي جو واڌارو سخت ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيو آھي.ان ڪري اڳتي هر قسم جي ميزائل ۽ ائٽمي تجربن کان پاسو ڪيو وڃي، هتي هي ياد رهي ته اها هدايت هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي هئي جڏھن آمريڪا ڏکڻ ڪوريا ۽ انهن جي اتحادين سان گڏ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي سبب کان اتر ڪوريا ائٽمي تجربن جي تياري ۾ هو، خطي ۾ آمريڪا جي وڌندڙ انهيءَ قسم جي روش ڪيترن ئي ملڪن جي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، جنهن کان هينئر چين پڻ پريشان آھي.ڇوته آمريڪا اتر ڪوريا جي طرف کان سنجيده ڌمڪين کانپوءِ پنهنجي اتحادين سان گڏ پوزيشن سنڀالي ورتي آھي.اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ ان تجربي کانپوءِ اتر ڪوريا تي سخت پابنديون مڙهڻ جو مطالبو پڻ ڪيو هو، پر اتر ڪوريا آمريڪا جي ڌمڪين ۽ گڏيل قومن طرفان مڙهيل سخت پابندين کي پٺي ڏئي ڇڏي هئي ۽ تجربو ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جو شروع کان ئي اهو موقف رهيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي ميزائل ٽوڙ دفاعي نظام جي قدمن جي سخت ضرورت آھي، ڇوته گڏيل قومن طرفان پابندين باوجود پيانگ يانگ ڪيترائي ائٽمي تجربا ڪيا آھن.ڏٺو وڃي ته جنگ ۽ جنون جون اهي تباهڪاريون ئي آھن ته جنهن سبب کان قدرتي وسيلا هئڻ باوجود به ڪيترائي ملڪ نهايت غربت جو شڪار آھن، جن ۾ ڪانگو، زمبابوي، برونڊي، ايريٽيريا، سينٽرل آفريقا، ريپبلڪ نائيجيريا، سريالون، مالوي، ٽوگو، مڊغاسڪر، افغانستان، ايٿوپيا وغيره وغيره…آمريڪا هٿيارن جي وڪري ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آھي.جيڪو عالمي سطح تي وڪرو ڪيل هٿيارن جو 36سيڪڙو وڪرو ڪري ٿو.2009ع کان 2013ع تائين هٿيارن جي واپار ۾ اٽڪل 8 سيڪڙو واڌارو ٿيو آھي۽ سئو کان ڪجهه گهٽ ملڪن کي سڄي دنيا ۾ مجموعي طور تي انهن هٿيارن جو اڌ حصو وچ اوڀر جي ملڪن کي وڪرو ڪيو ويو آھي، جڏھن ته سعودي عرب پڻ خريداري ڪئي آھي، هڪ پاسي هٿيارن جي واپار جي تيزي ته ٻئي پاسي وري غربت ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رهيو آھي، خوراڪ جي کوٽ جي ڪري قيمتي زندگيون اجل جو شڪار ٿي رهيون آھن، دنيا جي 8 ارب آبادي منجهان 1.4ارب ماڻھو نهايت ڪسمپرسي جي حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، انساني ذھن اهو سمجهڻ کان لاچار آھي ته بک ۽ بدحالي مٽائڻ بدران جنگ جي تباهڪارين کي دعوت ڇو ڏني وڃي ٿي؟ ڇوته هڪ پاسي هٿيارن جا ڍير هڻڻ سان جنگ جا ڪڪر ڇانيل آھن، جڏھن ته ٻئي پاسي امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن، آمريڪا ماضيءَ جيان جيڪڏھن سخت پاليسيون اختيار ڪيون ته ان جو نهايت خطرناڪ ردعمل سامهون ايندو، ان ڪري هتي اهو ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي ته سٺي پاليسي صرف هڪ ئي آھي ته”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“جنگ تباهي ۽ بربادي جي نشاني آھي.جنهن سان لکين ماڻھو اجل جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو