259

لاڙڪاڻي واسڻ ناري پيءُ ۽ ڀيڻيوي جي ڊپ کان ٿاڻي تي پهتي، عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ دارالامان حوالي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) نظر محلا جي رهواسڻ نوجوان ناري ڀيڻيوي ۽ پيءَ جي ڊپ کان ٿاڻي تي پهتي جتان ناري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو،  نظر محلا جي رهواسڻ 18 ورهين جي مومل مغيري گهران نڪري رحمت پور ٿاڻي تي پهتي، جتان ناري کي وومين ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو،  جنهن کي  رحمت پور ۽ وومين ٿاڻي جي پوليس فورٿ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ آدرش انور ڪيريو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،  جتي ناري بيان ڏيندي چيو ته ڀيڻيوو سهڻو غلط نظرن سان ڏسندو هو ۽ تنگ ڪندو هو، ان جو چوڻ نه وٺندي هيس ته هو مون تي تشدد ڪندو هو ۽ ڪمري ۾ بند به ڪرڻ سان گڏ منهنجي والد خميسو مغيري کي چوندو هو ته هي غلط آهي، هن کي ماري ڇڏ، ڀيڻيوي سهڻي ۽ والد خميسو جي ڊپ کان گهران نڪتي آهيان، انهن ٻنهي مان خطرو آهي، دارالامان وڃڻ ٿي چاهيان، تحفظ ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت ناري کي دارالامان موڪلي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو