پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته اها به نااهلن سان ڀرجي ويندي. پشاور ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ويڙهه حڪومت سان آهي اسٽيبلشمينٽ سان نه، ان سان ڪجهه شڪايتون آهن ۽ شڪايتون پنهنجن سان ئي ڪبيون آهن، رياستي ادارن سان اسان جي سوچ جو احترام ڪيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ ڇڏي ڏئي، حڪمران پنهنجي مستقبل کان بي پرواهه آهن، سندن مستقبل اونداهو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان سينيٽ چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته اها به نااهلن سان ڀرجي ويندي، حڪمران بيوقوف هئا ۽ ائين ئي احمق رهندا، جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻو آهي ته هن حڪومت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اهم آهي، ملڪ ۾ ٻيهر شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته ملڪ کي مالي نقصان ڪنهن پهچايو؟ ذميوار اها ئي حڪومت آهي، براڊ شيٽ حڪومت جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪيا آهن، براڊ شيٽ ڪيس ۾ سندن نااهلي سبب قوم کي ايڏو وڏو نقصان پهتو آهي، ملڪ اندر ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل حڪومتي ڪرپشن جو ڀانڊو ڦاڙيو آهي، پرويز خٽڪ جي صحت ٻڌائي رهي آهي ته بي آر ٽي ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم تي هٿ وجهڻ ملڪ کي ورهائڻ برابر هوندو، ان سان صوبن جي احساس محرومي وڌندي جيڪا بغاوت واري تحريڪ ۾ بدلجي سگهي ٿي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس پي ٽي آءِ جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو آهي، 23 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کي ڏنا ويا، ان تي فارن فنڊنگ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.
