شاهپورجهانيان (ن سوڀ) شاهپورجهانيان شهر ٻاهريان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ڪار سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب مٺياڻي جي رھواسڻ 60 ورهين جي عورت سيد فرزانا شاهه ٿڏي تي فوت ٿي وئي ۽ 50 ورهين جي سيد ساجده شاهه ۽ 35 ورهين جو ڪار ڊرائيور امتياز علي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن شاهپور جهانيان جي سرڪاري اسپتال پهچايو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران زخمين کي طبي امداد بعد نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گاڏي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
