256

مان نه چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نٿي سگهي: پرويز خٽڪ

نوشهره (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته مان نه چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نٿي سگهي، پر عمران خان جا مون تي گهڻا احسان آهن. نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر سندس عزت ڪري ٿي، ان لاءِ هو به اسيمبلي ميمبرن جو خيال رکي ٿو، سياست ۾ انهن کي ڪو دوکو نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته مان نه چاهيان ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به هلي نٿي سگهي، پر عمران خان جا مون تي گهڻا احسان آهن، ان لاءِ جسماني، روحاني ۽ دلي طور عمران خان سان گڏ آهيان. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي سربراهن ماضي جي حڪومتن ۾ عوام جو پئسو چوري ڪيو ۽ هاڻي ان چوري تي پردو رکڻ لاءِ ڪرپٽ ٽولو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن ۽ جلد ئي سندن هٿرادو اتحاد پنهنجي انجام تي پڄي ويندو. هن چيو ته هاڻوڪي مهانگائي جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن، جن جي غلط پاليسين سبب اڄ پاڪستان قرض ۾ ٻڏل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو