251

نواز شريف نيوڪليئر پروگرام کان اڻڄاڻ هو، اساما بن لادن سندس مالي مدد ڪندو هو: عابده حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير  سيده عابده حسين جو چوڻ آهي ته اساما بن لادن نواز شريف کي سپورٽ ڪندو هو ۽ سندس مالي مدد به ڪندو هو، نيوڪليئر پروگرام صدر جي نگراني ۾ هو، جڏهن ته وزيراعظم ان کان اڻڄاڻ هو. هڪ انٽرويو ۾ آمريڪا ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير  سيده عابده حسين جو چوڻ هو ته 1990ع ۾ مون کي آمريڪا ۾ سفير وزيراعظم نه پر صدر غلام اسحاق خان بڻايو هو، صدر غلام اسحاق خان چيو هو ته اسان کي نيوڪليئر پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 18 مهينا لڳندا، چيو ويو ته اوهان 18 مهينن تائين آمريڪين کي ڳالهين ۾ مصروف رکڻو آهي ۽ مون ائين ئي ڪيو. هن چيو ته مون کي چيو ويو هو ته فون تي ناهي ڳالهائڻو، 18 مهينن دوران 5 ڀيرا پاڪستان اچي صدر کان بريفنگ ورتي. هن چيو ته نيوڪليئر پروگرام 1983ع ۾ نه پر 1992ع ۾ مڪمل ٿيو، آمريڪي پارليامينٽريز ۽ سفارتڪار اسان کي نيوڪليئر پروگرام رول بيڪ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا، مون اهڙيون سرگرميون نه ڪيون هيون جو ڳجهي ادارن جي ماڻهن کي ڪجهه ملي ها يا اهي اسان خلاف استعمال ڪن ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو