239

فيصل آباد ۾ پٽ هٿان پيءُ جي قتل واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ پٽ هٿان پيءُ جي قتل واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. فيصل آباد جي علائقي چشتا ٽائون ۾ پٽ سرون هڻي پيءُ کي قتل ڪيو ۽ بهانو ڄاڻايو ته پيءُ صبح جي نماز لاءِ اٿڻ کان انڪار ڪيو ته کيس قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس واردارت کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو. واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڊي ٽائپ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. پوليس مطابق مقتول جي پٽ شهباز جاچ دوران ٻڌايو ته هن ملڪيت ۾ حصو نه ملڻ تي پيءُ کي قتل ڪيو، جڏهن ته شروعاتي طور هن پيءُ کي قتل ڪرڻ جو سبب نماز لاءِ نه اٿڻ ڄاڻايو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو