ليکڪ: دانش نبي بخش شر
جمعي جي ڏينهن، تاريخ 20 جمادي الثاني، حضرت رسول الله صه جي بعثت کان 5 سال پوءِ حجاز جي آڪاش هيٺ مڪي جي پهاڙن جي ڪڇ ۾ ڪعبي جي نظر جي سامهون وحي جبريل عه جي نزول واري گهر ۾ هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي رسول الله جي ”الله الله“ ٻوليندڙ لبن ذريعي ٿيندڙ قرآن مجيد جي تلاوت سان نور افشاني ٿي رهي هئي، هڪ اهڙي گهر ۾ جنهن کي فرشتن چڱي طرح ٿي ڄاتو ۽ اُتي انهن جي باقائده اچ وڃ هئي، هڪ اهڙي هنڌ جتي رسول الله صه جي صبح، منجهند ۽ شام نماز وقت پڙهڻ واري ملڪوتي ٻوليءَ پڻ رات جي وڳڙي ۾ تلاوت جي مٺڙي لات ڌرتيءَ کي آسمان سان پئي جوڙيو، يتيمن جي آسري جي گهر ۾، مسڪينن جي سهاري جي گهر ۾، اسيرن جي اجهي جي گهر ۾، مطلب ته حضرت رسول الله صه ۽ ام المؤمنين خديجه (س) جي گهر ۾ هڪ نيڪ نياڻيءَ هن جهان ۾ اکيون کوليون. هن نو مولود، عصمت جي مجسمي، جهان جي عورتن جي سردار ۽ ڀاڳن ڀري نياڻيءَ جو نالو پاڻ ڪريمن صه ”فاطمه“ (س) رکيو. ان نياڻيءَ جي ولادت سان رسول الله صه جو گهر مبارڪ اڳي کان به اڳرو مهر ۽ محبت جو مرڪز بڻجي پيو. پيارو پيغمبر صه مڪي جي مشرڪن ۽ ڪافرن طرفان ايجاد ڪيل طرحين طرحين تڪليفن جي ويڙهه ۾ وڪوڙيل هو، ننڍڙي فاطمه (س) پنهنجي معصوم منظر سان ٿڌڙي هير جيان، هر صبح ۽ شام رسول الله صه جي ٿَڪل وجود مبارڪ جي ٿڪاوٽ ڏور ڪرڻ ۽ تڪليفن ۾ تسڪين ڏيڻ لڳي. ڪيڏي نه ڀلاري هوندي اها نياڻي جيڪا ڪائنات جي رسول صليٰ الله عليه وآله وسلم جي تسڪين جو باعث بڻيل هجي…!؟ جنهن جي باري ۾ پيءُ سڳورو صه فرمائيندو هجي ته ”اها منهنجو ساهه آهي، مون کي ان مان جنت جي سڳنڌ ٿي اچي“.
فاطمه (س) جو ابو: فاطمه (س) جو ابو ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي، ابو اهو اٿس جنهن کي ٻنهي جهانن جي مالڪ ”خلق عظيم“ جو مالڪ سڏيو آهي، جيڪو قرآن جي چٽي فرمان موجب ته ”پنهنجي مرضيءَ سان هرگز ناهي ڳالهائيندو“. (سوره نجم.آيت 4) فاطمه (س) کي پنهنجي نور ڀري زندگيءَ جو ڪجهه حصو وحي جي روشنيءَ ۾ ۽ اهڙي انسان ساز پيءُ جي زير سايه گذارڻ جو موقعو مليو، لڳ ڀڳ ٻن سالن جي هئي ته پنهنجي ابي سان ٽن سالن جي عرصي تائين ڪافرن طرفان ايجاد ڪيل نهايت ئي سخت اقتصادي پابنديءَ هيٺ ٽي سال ”شعب ابي طالب“ ۾ گذاريائين ۽ ان ڏکئي وقت ۾ هيءَ مڙني مسلمانن سان برابر جي شريڪ رهي، ڏهين هجريءَ ۾ شعب ابي طالب مان آزاد ٿيڻ کان ٿوري عرصي بعد (ڪشف الغمه، ج 2، ص 79) سندس امڙ خديجه (س) جنهن اسلام جي راهه ۾ پورا ڏهه سال حضرت رسول الله صه سان گڏ ڀرپور جفاڪشي ڪئي هئي ۽ 3 سال شعب ابي طالب ۾ بکون ڪاٽي وقت گذاريو هو، سا فوت ٿي وئي، امڙ جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري جيتوڻيڪ فاطمه (س) نهايت ئي متاثر هئي پر ان قدرتي جدائيءَ هن کي پنهنجي ابي (ص) جي جهول ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ۽ نرالو موقعو فراهم ڪيو. 8 سالن جي ٿي ته پاڻ ڪريمن صه جي هجرت کانپوءِ ٻين زائفن سميت جناب علي بن ابي طالب عه سان گڏ مڪي کان مديني آئي، (امالي طوسي، ج 2، ص 84) اُتي به هن کي پنهنجي ابي سان ئي رهڻ جو خاصو موقعو نصيب ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ زندگيءَ جي هر اهنج ۾ ساڻن صه ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ لڳي، جڏهن جنگ اُحد لڳي ۽ مسلمان پوئتي هٽي اُحد جبل جي اوٽ وٺڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ پاڻ ڪريم صه جن زخمي ٿي پيا ته فاطمه (س) پريشان ٿي مديني مان جناب علي عه سميت ڏور اچي پاڻ سڳورن صه جي خيمي ۾ پهتي ۽ سندن پاڻ ڪريم ص ملم پٽي ڪئي (مناقب شهر آشوب، ج 2، ص 65). فاطمه (س) اسلام جي ماحول ۾ پرورش ۽ پالنا حاصل ڪئي، اسلام ۽ قرآن سان گڏ رهي، وحي ۽ نبوت جي فضا ۾ ساهه کڻندي رهي، هن جو جياپو ڪڏهن به رسول الله صه کان ڌار نه ٿيو، ايتري قدر جو شادي شده هوندي ۽ ٻچن ٻارن جي ماءُ هوندي به هن جو گهر پنهنجي ابي صه جي گهر جي ڀر ۾ هوندو هو، پاڻ ڪريم صه به گهڻو ڪري فاطمه (س) جي گهر ڪثرت سان ايندا رهندا هئا، صبح جو هر روز مسجد ويندي پهريان پنهنجي نياڻيءَ کي ڏسڻ ويندا هئا، (ڪشف الغمه، ج 2، ص 13) پاڻ ڪريمن صه جي هڪ ٻانهي جو چوڻ آهي ته ”رسول الله صه جڏهن به ٻاهر وڃڻ چاهيندا هئا ته سڀ کان آخر ۾ فاطمه (س) کان موڪلائيندا هئا ۽ جڏهن ٻاهران کان ايندا هئا ته سڀ کان پهريان فاطمه سان اچي ملندا هئا“ (ڪشف الغمه، ج 2، ص 6).
فاطمه (س) جي امڙ: سيده فاطمه (س) جي امڙ ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، حضرت رسول الله صه جي پهرين گهرواري پنهنجي سموري سرمائي کي خدا، اسلام ۽ رسول الله صه خاطر قربان ڪرڻ واري ۽ اولين ام المؤمنين هئي فاطمه (س) پنهنجي ننڍپڻ جا 5 سال پنهنجي امڙ جي جهول ۾ گذاريا، ان روءِ سان هن کي پنهنجي ان سرويچ امڙ جي به تربيت ۽ پرورش نصيب ٿي، خديجه سان آنحضرت صه جي بي انتها محبت هوندي هئي، ايتري قدر جو جيستائين جيئري هئي پاڻ سڳورن صه ڪنهن ٻي عورت سان شادي ئي نه ڪئي، ام المؤمنين حضرت عائشه رض) فرمائين ٿيون ته ”رسول خدا صه خديجه جي بيحد ساراهه ڪندا هئا، هڪ ڏينهن مان اعتراض ڪندي عرض ڪيم ته يا رسول الله! خديجه ته هڪ پوڙهي مائي هئي خدا ته توهان کي ان کان بهتر زالون عطا ڪيون آهن؟ منهنجن انهن لفظن تي پاڻ ناراض ٿي پيا ۽ فرمائڻ لڳا ته ”خدا جو قسم! الله مون کي ان کان ڀلي عورت ڏني ئي ناهي، اُن مون تي تڏهن ايمان آندو هو جڏهن ٻين منهنجي ڳالهه نه مڃي هئي، ان مون کي تڏهن سچو سڏيو هو جڏهن مون کي ٻين ڪوڙو ڪوٺيو هو، هن تڏهن پنهنجي دولت بنا ڪنهن معاوضي جي منهنجي اختيار ۾ ڏئي ڇڏي هئي جڏهن ٻين منهنجي مدد کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، منهنجو نسل ان جي ذريعي ئي ته الله تعاليٰ قائم رکيو آهي“ (تذکره الخواص،ص 303). سن ٻه هجريءَ ۾ پاڻ ڪريمن صه فاطمه (س) جي نهايت ئي لائق، ديندار، پهلوان، خدائي صفتن جي ڀنڊار ۽ سرويچ گهوٽ جناب علي بن ابي طالب عه سان شادي ڪرائي ڇڏي، تمام مختصر ڏاج ڏنو ويو، جنهن جو تفصيل تاريخ جي ڪتابن ۾ هن طرح ٿو ملي ته هڪ گگهو، هڪ وڏي چادر، هڪ وڏو ڪارو ٽوال (توليو)، هڪ واڻ سان واڻيل کٽ، ٻه عدد پٿراڻيون، جن مان هڪ ۾ رڍ جي اُنَ ۽ ٻئي ۾ کاٻر ڀريل هو، چار عدد عام وهاڻا، هڪ عدد پشمي پردو، هڪ عدد وڇائڻ لاءِ تڏو، هڪ عدد جنڊ (چڪي)، هڪ ٽامي جو ٿالهه، هڪ عدد چمڙي جو ٿانو، هڪ کَلي (مشڪ)، هڪ کير پيئڻ لاءِ وٽو، هڪ عدد ڪونرو، هڪ جڳ ۽ ٻه ٽي ٺڪر جون گُگهيون. اسلام جي هن معظمه خاتون جي سڄي زندگي سموري دنيا جي عورتن لاءِ هڪ مڪمل مثال آهي. خدا تي ايمان، الله جي عبادت، والدين سان محبت، پرهيزگاري، پرده داري، گهر هلائڻ، مڙس جي اطاعت، اولاد جي تربيت، سخاوت، صبر، استقامت، حق جي حمايت وغيره ته جناب سيده فاطمه (س) جي خصوصيتن ۾ شامل هيون، نه فقط ايترو پر گهر جو ڪم ڪار جهڙوڪ گهر جي صفائي، کاڌو پچائڻ، گهرڀاتين جا ڪپڙا ڌوئڻ، هٿ واري چڪيءَ تي ان پيهڻ جو ڪم به پاڻ ئي انجام ڏينديون هيون، جيڪڏهن ڪا ٻانهي گهر جو ڪم ڪندي هئس ته ان سان به هٿ ونڊائيندي هئي، اهو ئي سبب هو جو پاڻ ڪريم صه فرمائيندا هئا ته فاطمه ”سيدة النساءِ العالمين“ آهي، فاطمه منهنجو حصو آهي.