229

عوام مٿان هر هفتي ڪرندڙ مهانگائي بم، جياپو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟

ايڊيٽوريل

حڪومت جي مهانگائي بابت انگن اکرن جاري ڪرڻ واري وفاقي شماريات واري اداري مهانگائيءَ بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق هڪ هفتي اندر 18 کان وڌيڪ شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. هي لڳاتار ٻيو هفتو آهي جو سرڪار جو ادارو ئي انگ اکر ظاهر ڪندي حڪومتي ڪارڪردگي عوام آڏو آڻي رهيو آهي. رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران دال ماش وڌيڪ 2 رپيا، دال مسور وڌيڪ 82 پئسا ۽ دال چڻا وڌيڪ 24 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي وئي آهي. رپورٽ مطابق هڪ هفتي اندر 200 گرام ڳاڙهن مرچن جي قيمت ۾ 29 رپين جو ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي ۽ مرغي جي گوشت کي به پر لڳي ويا آهن ۽ هفتي اندر اُهو 26 رپين ۽ 73 پئسن جي رڪارڊ واڌ ۾ اچي ويو آهي. رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته هفتي دوران عام واهپي جي 18 شين جون قيمتون وڌيون آهن، جڏهن ته 9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوڪنگ آئل جي اوسط في ڪلو قيمت 10 رپيا 48 پئسا واڌ کانپوءِ 284 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڍائي ڪلو گيهه واري ڊٻي جي اوسط قيمت 722 رپيا 29 پئسا ٿي وئي آهي. ان کانسواءِ ٽماٽي جي في ڪلو اگهه ۾ 19 رپيا کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ اُهو هاڻ 45 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي. بيضن جي اگهه ۾ به 12 رپيا 67 پئسا في درجن گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ 141 رپيا 84 پئسا في درجن وڪرو ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پٽاٽو هڪ رپيا 36 پئسا، بصر 93 پئسا، کنڊ هڪ رپيا 41 پئسا ۽ اٽي جو 20 وارو ٿيلهو 63 پئسا سستو ٿيو آهي.

مهانگائي ۾ هيءُ هفتيوار واڌ جا سرڪاري انگ اکر آهن، جنهن ۾ نه مخالف ڌر جي ڪا سازش ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري ان ۾ ڪو ٻاهريون ملڪ ملوث ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اِهي انگ اکر هفتيوار سرڪار ئي جاري ڪري ٿي ۽ ڄاڻايل انگ اکر بنيادي طور تي اهڙي آئيني وانگر آهن، جنهن ۾ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جي صورت چٽي پٽي نظر اچي رهي آهي. موجوده حڪومت پنهنجي اقتدار جي اڍائي سالن دوران هڪ لمحي به عوام کي سڪون واري زندگي نه ڏئي سگهي آهي، مسلسل مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ ڪيڏي نه بيوسي آهي ته حڪومت ذري گهٽ 3 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڏهاڙي وڌندڙ مهانگائي بابت پنهنجي نااهليءَ جو مهانڊو گذريل حڪومتن مٿان الزامن جي چادر ۾ لڪائي رهي آهي. عوام کي ڪروڙين نوڪرين ۽ گهرن جا آسرا ڏيندڙ حڪمرانن هِن وقت تائين هزارين ماڻهو بيروزگار ڪيا آهن ۽ ايترو نه پر گذريل حڪومتن جي آڙ ۾ پنهنجي شاهي خرچن لاءِ ورتل قرضن جو واڌو بار به عوام مٿان مڙهيو آهي ۽ ايترو ئي نه پر انهن قرضن جون قسطون ڀرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي فرمائشن تي ڏهاڙي، بجلي، تيل، گئس، ڊيزل ۽ ٻين عام واهپي جي شين ۾ مهانگائي جا رڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. پاڪستان جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين حڪومت آهي، جنهن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، پر عوام کان وٺڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن مهانگائيءَ جا تحفا آهن ۽ لڳي ته ائين ٿو ته جيڪڏهن حڪومت 5 سال پورا ڪيا ته ان دوران لکين غريب فاڪن ۾ مري ويندا ۽ حڪومت 5 سال پورا ڪرڻ کانپوءِ به اهڙا الزام مخالف ڌر تي ئي هڻندي. اسان سمجهون ٿا ته هاڻ رليف ڏيڻ جو وقت آهي، ائين نه ٿئي ته 22 ڪروڙ ماڻهو جياپي جي جنگ لاءِ حڪومت خلاف روڊن تي نڪري اچن ۽ جيڪڏهن اهڙي سونامي آئي ته حڪومت وٽ بهاني جيترو وقت به نه بچندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو