225

حڪومت جون معاشي ڪاميابيون ڪرپٽ سياستدانن جي منهن تي چماٽ آهن: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته حڪومت جون معاشي ڪاميابيون مفاد پرست ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي منهن تي چماٽ آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته جنوري 2020ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ خطي جي ٻئين، جڏهن ته دنيا جي ستين بهترين مارڪيٽ بڻجي سامهون آئي، وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جون معاشي ڪاميابيون مفاد پرست ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي منهن تي زوردار چماٽ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو