241

وزيران ڇڇر معاملو: وارثن کي انصاف نه مليو، ڪيس جي مشير مٿان قاتلاڻا حملا، ايس ايڇ او بااثرن جي ڌر بڻيل، ڌرڻو

سن (ن سوڀ) ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل وزيران ڇڇر جي وارثن ايس ايڇ او ڇڇر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري موٽر سائيڪلن تي 20 ڪلو ميٽر مارچ ڪري سن پهتا، جنهن کانپوءِ سن شهر  ۾ ريلي ڪڍي گشت ڪري ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي اڳيان شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو ويو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري جي اڳواڻي مقتولا وزيران ڇڇر جي پيءُ گل محمد ڇڇر، الهورايو ڇڇر، علي شير ڇڇر، علي نواز ڇڇر، تقي حسن ڇڇر ۽  ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته  ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهنواز ملهڻ ڳوٺ وڏا ڇڇر جي بااثرن جو ونگاري بڻيل آهي، وزيران ڇڇر جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڳوٺ جي بااثرن ڪجهھ ڏينهن اڳ ڪيس جي مشير مرتضيٰ مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن کي گھٽيءَ مان گذرندڙ نيڪ مردن بچايو، وري اڄ ٻيهر ساڳي ڪيس جي مشير جيڪو گھر اچي رهيو هو ته ان مٿان ڳوٺ وڏا ڇڇر جي بااثرن حملو ڪري مٿس سخت تشدد ڪرڻ کانپوءِ مرڻينگ حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، اسان اڳ ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پهتاسون پر ايس ايڇ او ڇڇر بااثرن کان پئسا وٺي انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، اهي جوابدار ٻيهر وزيران ڇڇر ڪيس جي مشير مٿان قاتلاڻو حملا ڪري رهيا آهن، اسان فرياد کڻي ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي پهتاسون پر ٿاڻي تي ڪير به موجود نه هو، ايس ايڇ او ڇڇر شاهنواز ملهڻ  اسان مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن بااثرن جون شاهي دعوتون کائي موٽي اچي ٿو، ان خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿو ڪري. هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ جي بااثرن اسان جو  پيئڻ جو پاڻي بند ڪري بجلي به ڪٽرائي ڇڏي آهي، جنهنڪري اسان ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايڇ او ڇڇر کي هٽايو وڃي ۽ اسان مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جي احتجاجي تحريڪ مرڻ گهڙي تائين جاري رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو