188

ٽنڊو قيصر ڀرسان باهه لڳڻ سبب 4 پورهيتن جون جهوپڙيون سڙي رک، گهرڀاتين سوڌو کليل آسمان هيٺ ويٺل

ٽنڊوڄام(ن سوڀ) تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي يونين ڪائونسل ٽنڊوقيصر جي ڳوٺ عبدالله سولنگي جي پاسي ۾ ويٺل ڀيلن جي گھرن کي رات جو اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب آڏو ڀيل، خيرو ڀيل، ڪشور ڀيل ۽ ڪرشن ڀيل جا 4 گھر ۽ انھن ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، متاثر خاندانن سڄي رات سخت سيءَ ۾ کليل ميدان ۾ گذاري، متاثرين جو چوڻ هو ته اسان غريب ماڻهو آھيون، باهه سبب اسان جون جھوپڙين نما گھر ۽ انھن ۾ پيل سامان سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، اسان وس وارن ۽ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو