247

اڪري چودڳي ۾ مهمان ٿي آيل لاڙڪاڻو واسي نوجوان دل بيهڻ سبب فوت

اڪري چودڳي(ن سوڀ) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ رسول بخش چنو ۾ مهمان ٿي آيل لاڙڪاڻي واسي دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ رسول بخش چنو ۾ استاد غلام حيدر ابڙو جي اوطاق تي ترسيل مهمان لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خيرمحمد آريجو واسي شير علي آريجو   رات جو ماني کائي ڪچهري ڪري سمهي پيو، صبح جو اوطاق ڌڻين پاران چانھه ۽ ناشتي لاءِ جاڳائڻ وقت مهمان شير علي آريجو پاران نه اٿڻ سبب ميزبانن سوڙ اٿلائي ته مهمان مئل حالت ۾ مليو، فوتگي جو اطلاع لاڙڪاڻي ۾ موجود  مائٽن کي  ڏنو ويو،  جنهن کانپوءِ سندس ڀاءُ محمد عيسي آريجو پهچي ميت وصول ڪئي، ميزبانن پاران ميت کي غسل ڪفن ۽ جنازي نماز بعد ميت وارثن حوالي ڪئي وئي، ميت وارث لاڙڪاڻي اباڻي ڳوٺ خير محمد آريجو کڻائي ويا. ٻئي طرف فوتي جي ڀاءُ محمد عيسي آريجو موجب استاد غلام حيدر ابڙو وارا ڀاءَ جا گهرا دوست هئا، ادا تقريبن دوستن وٽ ايندو ويندو هو، ڀاءُ جو دل بيهڻ سبب فطري موت ٿيو آهي، پوسٽ مارٽم يا ٻي ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو