ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 مريض فوت ٿيا، جڏهن ته 11031 نمونا چڪاسڻ جي نتيجي ۾ 812 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا جنهن کانپوءِ گڏيل انگ 3996 ٿي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11031 وڌيڪ ڪورونا وائس جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 812 ڪوويڊ19 ۾ مبتلا ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪو موجوده تشخيصي شرح جو 9 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين ڪورونا وائرس جا 2725780 نمونا چڪاس ڪيا ويا آهن جن مان 247248 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 224664 يعني 91 سيڪڙو مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏھن تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 563 وڌيڪ مريضن ڪورونا وئرس کي ھارايو آھي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 18588 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 17751 مريض پنھنجن گهرن اندر قرنطينا آھن، 14 مريضن جو آئسوليشن سينٽرن ۽ 823 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج ھلندڙ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 823 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي انهن مان 76 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو.ڪورونا وائرس جي 24 ڪلاڪن دوران ظاھر ٿيل 812 نون ڪيسن مان 544 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آهن. ضلعيوار انگ اکر ٻڌائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اوڀر ڪراچيءَ مان 169، ڏکڻ ڪراچيءَ مان 141، حيدرآباد مان 101، ڪورنگي مان 81، وچ ڪراچيءَ مان 73، ملير مان 43، اولھھ ڪراچيءَ مان 37، ٽنڊوالھيار مان 24، ميرپورخاص مان 24، سجاول مان 22، بدين مان 20، ٺٽي مان 12، قمبر-شھدادڪوٽ مان 7، لاڙڪاڻي مان 6، عمرڪوٽ ۽ دادوءَ مان 5-5، جيڪب آباد ۽ شڪارپور مان 4-4، سکر. خيرپور ۽ نوشھروفيروز مان 3-3، نوابشاھھ مان 2، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ گھوٽڪيءَ مان ھڪ ھڪ وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تھ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي تھ جيئن پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگيءَ کي تحفظ ڏئي سگھجي.
206