اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سومر ڏينهن ٽپهر 4 وڳي ٽيليفون تي عوام سان ڳالهائيندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته پهرين فيبروري سومر ڏينهن شام 4 وڳي وزيراعظم عمران خان عوام سان ٽيليفون تي پاڻ ڳالهائيندو ۽ سنئون سڌو عوام جي سوالن جا جواب ڏيندو. ان سلسلي ۾ عوام فون نمبر 0519210809 تي وزيراعظم عمران خان سان رابطو ڪري سگهندي.
160