165

يونان وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 48 پناهگيرن کي سمنڊ مان زندهه ڪڍيو ويو آهي: ترڪي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪ سيڪيورٽي فورسز يونان وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 48 پناهگيرن کي سمنڊ مان زندهه ڪڍي ورتو آهي. ترڪ ميڊيا ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته کليل سمنڊ ۾ چشمي ويجهو ٻيڙي تي سوار پناهگيرن جي حوالي سان اطلاع ملڻ تي سامونڊي حفاظتي اهلڪارن جي هڪ امدادي ٽيم يونان وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 48 پناهگيرن کي سمنڊ مان حفاظت سان ڪڍڻ بعد کين ضلعي اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ جي حوالي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو