164

آمريڪي عدالت ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿين جي خانداني ڪاروبار بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)  نيويارڪ جي هڪ جج اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي خانداني ڪاروبار جي باري ۾ جاچ جو حڪم ڏنو آهي. مين هٽن جي عدالت جي جج، اڳوڻي صدر ٽرمپ ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي خانداني ڪاروبار تي دٻاءَ وڌائيندي حڪم ڏنو آهي ته سندس سرگرمين متعلق دستاويز رياستي محتسب کي فراهم ڪيا وڃن. جج ٽرمپ فائونڊيشن جي اثاثن ۽ اڳوڻي صدر طرفان حاصل ڪيل قرضن، مالياتي سهولتن ۽ ٻين مراعتن جي باري ۾ به جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو