176

نائيجر ۾ پاڪستاني سفير احمد علي سروهي سان ايڪوليس ڊيس ڪنڊرس يونيورسٽي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائيجر ۾ مقررر پاڪستاني سفير احمد علي سروهي سان نائيجر جي ايڪوليس ڊيس ڪنڊرس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نين اماڊو ملاقات ڪئي. پاڪستاني سفير وائيس چانسلر کي پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن تعليم سان گڏ ميڊيڪل سائنسز، ٽيڪنالوجيز، آرڪيٽيڪچر ۽ آرٽ جي تعليم بابت پڻ بريف ڪيو. وائيس چانسلر پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي اميد ڏيکاري ته پاڪستان ميڊيڪل ۽ ٽيڪنيڪل سائنس جي حوالي سان سهڪار ڪندو. هن پاڪستاني سفير علي احمد سروهي کي ايڪو ليس ڊيس ڪنڊرس يونيورسٽي جي دوري جي دعوت ڏني. جڏهن ته پاڪستاني سفير سندس دعوت قبول ڪندي کيس پاڪستاني تعليمي ادارن جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو