ميانمار (ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪندي هڪ سال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندي آنگ سان سوچي سوڌو ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق ميانمار ۾ رات 3 وڳي ڌاري انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي رابطن ۾ رڪاوٽون اچڻ شروع ٿيون، يانگون شهر ۾ فوج سٽي هال جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ سٽي هال ۾ ڪيئي فوجي ٽرڪون ڏٺيون ويون. فوج جي انتظام هيٺ ٽي وي تي جاري وڊيو پيغام ۾ سينيئر جنرل جو چوڻ هو ته اختيار هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ هڪ سال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. آنگ سان سوچي پارٽي جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته صدر سميت حڪمران پارٽي جي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پارٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيڪا صورتحال سامهون اچي رهي آهي ان مان لڳي رهيو آهي ته فوجي بغاوت ۽ اقتدار تي قبضو ٿي رهيو آهي. ميانمار ۾ تڪراري چونڊ نتيجن کانپوءِ فوج ۽ سول حڪومت ۾ سخت ڇڪتاڻ هئي.
329