واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مختلف ملڪن ميانمار ۾ فوجي بغاوت ۽ آنگ سان سوچي سوڌو سياسي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪا ۽ برطانيا سوڌو ٻين ملڪن جي سربراهن ميانمار جي چونڊيل نمائندن کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته ميانمار جي فوج طرفان کنيل قدم واپس نه ورتا ويا ته ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.
