146

ڊينئل پرل قتل ڪيس: عمر شيخ جي نظربندي واري عبوري حڪم ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار جي آزادي بابت سنڌ حڪومت جي نظرثاني واري درخواست تي عمر شيخ جي نظربندي واري عبوري حڪم ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار عمر شيخ جي آزادي واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي. عمر شيخ جي وڪيل جو چوڻ هو ته احمد عمر شيخ بيگناهه آهي، جيڪي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ ملوث هئا تن کي آزاد ڪيو ويو آهي، آمريڪي دٻاءُ ۾ اچي غلط ماڻهو کي سوگهو ڪيو ويو، احمد عمر شيخ برطانيا مان قانون جي ڊگري پاس ڪئي آهي، جيڪڏهن هو جيل ۾ نه هجي ها ته مون کان سٺو وڪيل هجي ها. جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته اسان کي ٻڌايو ته عمر شيخ جي حراست جو حڪم ڪڏهن ختم ٿيو؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته پهرين ڊسمبر 2020ع تي حراست وارو حڪم ختم ٿي ويو هو. اٽارني جنرل ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي تحت وفاق کي نوٽيس ڏيڻ ضروري آهي، عمر شيخ جي آزادي وارو فيصلو معطل ناهي ٿيو ته ان جا سنگين نتيجا ايندا، ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار جي آزادي واري ڪيس جا عالمي اثر پوندا. جسٽس سجاد علي شاهه  اٽارني جنرل کي چيو ته توهان ته ڪيس ۾ ڌر ئي ناهيو، اسان ڪيس عمر شيخ جي وڪيل کي ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هڪ شهري کي ڇو حراست هيٺ رکيو ويو آهي؟ عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت جائزو وٺڻ لاءِ آرڊرشيٽ جو رڪارڊ طلب ڪيو، جڏهن ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاق کي ڪيس ۾ نوٽيس جاري ناهي ٿيو. سپريم ڪورٽ عمر شيخ جي نظربندي واري عبوري حڪم ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو