اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه پنهنجي هر شهري کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڏيندڙ پهريون صوبو آهي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي خيبرپختونخواهه حڪومت کي مبارڪ ڏيندي چيو ته خيبرپختونخواهه پنهنجي هر شهري کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڏيندڙ پهريون صوبو آهي، خيبرپختونخواهه جي 4 ڪروڙ شهرين کي صحت جون مفت سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جو هر ڪٽنب سڄي ملڪ جي 400 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن مان ساليانو ڏهه لک تائين مفت علاج ڪرائي سگهندو.
169