راھوباد(ن سوڀ) راھوباد ڀرسان يوسي گلزارخليل جي ڳوٺ پيرعمران جان سرهندي ۾ اوچتو غريب پورهيتن جي گهرن ۾ باهه ڀڙڪي اٿي، باھ ايترو ته تيز شعلن سان ڀڙڪي جو ڳوٺاڻا پنهنجو سامان ڪڍي نه سگهيا، سالياني وارابندي سبب پاڻي نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ ھيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا رهيا پر ڪٿان به پاڻي نه مليو، جنهن بعد ڳوٺاڻن مٽي سان ۽ گهرن ۾ گڏ ڪيل پيئڻ جو پاڻي هڻي باهه تي ضابطو آندو. باهه لڳڻ سبب غريب پورهيتن جھمو ماڇي، موسو خاصخيلي، پيرو خاصخيلي ۽ سومار خاصخيلي جا گهر ۽ انهن ۾ پيل الهھ تلھه سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي بار بار اطلاع ڪرڻ جي به فائربرگيڊ ڪجهھ مفاصلي تي هجڻ باوجود به نه پهتي. ٻڌايو پيو وڃي ته سامارو تعلقي ۾ بيٺل 3 فائر برگيڊ گاڏيون ڪيترن ئي مهينن کان خراب بيٺل آھن، جڏهن ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي.
157