145

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو، صفائي سٿرائي جا بهتر انتظام نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد شرف الدين شاهه چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪيو، جتي گندگي ۽ صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام نه هئڻ توڙي ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. دوري دوران سيشن جج ايم ايس جو پڇاڻو ڪيو جنهن تي ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته ايم ايس موڪل تي آهي جنهن تي سيشن جج کين چيو ته ايم ايس جي موڪل بابت لکت ۾ ڪو ثبوت آهي، جيڪڏهن ايم ايس موجود نه هوندو ته اسپتال جو نظام ڪيئن هلندو؟ ان بعد سيشن جج ايمرجنسي وارڊ ۾ سرڪاري دوائن واري اسٽور جو دورو ڪري دوائون چيڪ ڪيون. سيشن جج بعد ۾ نيفرولاجي وارڊ جو دورو ڪيو، جتي هڪ عورت مريض کيس شڪايت ڪئي ته سندس ڊائلاسز نه ٿيڻ جي ڪري حالت خراب آهي، ان تي سيشن جج ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته عورت مريض جو ڊائلاسز ڪيو وڃي. نيفرولاجي وارڊ ۾ به صفائي جا جوڳا انتظام نه هئڻ تي سيشن جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان بعد سيشن جج ايمبولينس جو دورو ڪيو جتي ايمبولينس ۾ آڪسيجن سلينڊر ۽ اي سي نه هلڻ تي سيشن جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. دوري دوران سيشن جج جنريٽر بابت معلومات ورتي، جنهن تي عملي پاران جنريٽر هلايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو