موغاديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليا جي گادي واري شهر موغاديشو ۾ آفريڪي هوٽل تي ٿيل آپگهاتي ڪار بم ڌماڪي ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا ۽ 28 شديد زخمي ٿي پيا آهن. موغاديشو پوليس ترجمان ٻڌايو آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙ ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي کي هوٽل جي داخلي دروازي سان ٽڪرايو، هوٽل موعاديشو عالمي هوائي اڏي جي ويجهو آهي. صوماليه جي انتهاپسند گروپ الشباب آپگهاتي حملي جي ذميواري قبولي آهي.
